ڌاٻيجي ۾ بجلي گهرن جي انتظاميا خلاف احتجاج

ڌاٻيجي(ن ع آ) ڌاٻيجي لڳ ڪوسٽل هائي تي مقامي  گهرن ۾ مقامي ڌرتي ڌڻين لاء روزگار جا دروزا بند ڪيا ويا اٽي ۾ لوڻ برابر  ڪم ڪندڙ پورهيتن کان نجي جيل جيان ڪم ورتو ٿو وڃي نبيل رند ،اصغر جت خبر موجب  ڪوسٽل سجاڳ فورم ساڪرو  جي اڳواڻن  نبيل رند ،شاهنواز جت ،اصغر جت حسين جوکيو ،نظير خانيو ۽ ٻين ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهيندي  چيو ته ڌاٻيجي لڳ ڪوسٽل هائي وي تي بجلي گهرن مان مقامي ڌرتي ڌڻين لاء روزگار جا دروزا بند ڪيا ويا آھين اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ڪندڙ مقامي پورهيتن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري نجي جيل جيان ڪم ورتو ٿو وڃي  جنهن سبب ساحلي پٽي جا ماڻھو اڄ به پٿر واري زندگي گهارڻ  تي مجبور آھين . هنن وڌيڪ ٻڌايو ته  بجلي گهرن ۾ مقامي ڌرتي ڌڻين لاء روزگار جا دروزا بند ڪري اتي ڌارين کي روزگار ڏنو پيو ايتري قدر جو مقامي ماڻھن جي اچڻ تي نوگو ايريا ڄاڻائي اچ وڃ تي بندش مڙھي وئي آھي جتي ڪمپنيون لڳنديون آھين اسڪول اسپتال روڊ رستا۽ پئيڻ جو صاف پاڻي ڏنو ويندو آھي پر هتي جي نام نهاد ڪمپينن جا سرمائيدارپنهجي ڏاڍ ۽ بدمعاشي تي قائم آھين جيڪا سراسر ناانصافي آھي جيڪڏھن مقامي ماڻھن کي پنهجا حق نه ڏنا ويا ته سڄي ضلعي اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.