عوام پيپلزپارٽي کان تنگ اچي چڪي آهي: ارباب غلام رحيم

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ ۽ تڪ پي ايس 52 تي جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي گڏيل اميدوار ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم   چيو آهي ته اسان پنهنجي دور ۾ تمام گھڻان ترقياتي ڪم ڪرايا پر پ پ پنهنجي دور ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو آهي عوام انهن ان تنگ اچي چڪي آهي پي ايس 52 تي عوام کين رد ڪري ڇڏيندي ۽ اسان جي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ملندي اهڙه خيالن جو اظهار هن متحده جي زونل آفيس ۾ متحده جي اڳواڻن سان ملاقات ۽ چونڊ ۾ حمايت حاصل ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ سهيل مشهدي، ڊاڪٽر ظفر ڪمالي، سليم رزاق، حق نواز، خوشي محمد مغل، اي ڊي لاکو، زاهد نون ۽ ٻيا موجود هئا. هن چيو ته اسان جي مخالفن کي شڪست نظر اچي رهي آهي سنڌ جي سياست ۾ ايم ڪيو ايم ۽ اسين گڏ هلنداسين عمران خان هڪ ايماندار انسان آهي هو عوام لاءِ اهڙيون اسڪيمون آڻي رهيو آهي جيڪي ترقي يافتا ملڪن ۾ به نه آهن، هن چيو ته مهانگائي صوبائي مسئلو آهي.  جنهن جي ذميوار پ پ حڪومت آهي اٽي جي قيمت ۾ واڌ جو سبب 3 سئو ارب روپين جي ڪڻڪ ۾ گھوٻيون هڻڻ آهي هڪ طرف پ پ وارا استعيفائون ڏيڻ جي ڳالھ ڪن ٿا ٻيطرف ننڍي چونڊن ۽ اليڪشن جي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي پ پ ڪراچي ۾ اردو ڳالهايندڙن خلاف ڳالهايو پنجاب ۾ پنجابين خلاف بلوچستان ۾ بلوچن خلاف ۽ ڪي پي ڪي ۾ وڃي پختونن خلاف ڳالهائي نفرتون وڌايون ننڍين چونڊن ۾ کلي عام ڌاندليون ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن اليڪشن ڪميشن کي انهن ڳالهين جو نوٽيس وٺڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.