سنڌ ۾ اقتصادي اوسر لاءِ صنعتڪاري جي واٽ

تحرير: سدا حيات جلباڻي

سنڌ جي زرعي معيشت جي تباهيءَ جا مک ڪارڻ زرعي دوائن جي نقلي هجڻ، زرعي ٻجن جي نقلي هجڻ، زرعي ڀاڻ جي نقلي هجڻ ڳڻائيندي لکيو آهي تـ جڏهن سنڌ جي آبادگارن جون اُپايل جنسون مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون تـ ان ئي وقت وفاقي حڪومت پاڙيسري ملڪن مان اهي ئي جنسي گهرائي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي مارڪيٽ ۾ فراهم ڪري ٿي. نتيجي ۾ سنڌ ۾ پيدا ڪيل جنسن جا گھٽجي وڃن ٿا. سنڌ جي آبادگارن جون اُپايل جنسون ٻنين ۾ ئي خراب ٿي وڃن ٿيون. آبادگارن کي ڏاڍو مالي نقصان رسي ٿو ۽ اهي معاشي طور تي تباهـ ۽ برباد ٿي وڃن ٿا. هونئن بـ  موروثي زمينون تـ اسان جون آهن ئي آهن. پر اهي بـ ڀائرن ۾ ورهائبيون ٿيون وڃن. زمين ورهائجندي ورهائجندي نيٺ ان جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا ئي بچندا. پوءِ ڇا ٿيندو؟

ايڪويهين صديءَ جو ٽيون ڏهاڪو شروع  ٿي  ويو آهي. هن دور ۾ مٿي ڄاڻايل ۽ ڪيترن ٻين سببن جي ڪري زراعت تي گھڻو دارومدار نـ ٿو رکي سگھجي. هاڻي نيون راهون ڳولڻيون آهن. پنجاب ۾ زرعي يونيورسٽي تـ  فيصل آباد ۾ قائم ٿيل آهي.  پر اهو شهر سُٽ، ڪوري ڪپڙي ۽ هوزري وغيرهـ  جي ڳڙهـ جي حيثيت بـ  رکي ٿو. اِن سبب فيصل آباد کي پاڪستان جو مانچيسٽر سڏيو وڃي ٿو. هوڏانهن، سيالڪوٽ راندين جي سامان خاص ڪري فوٽ بال ٺاهڻ  جو مرڪز آهي ۽ وزيرآباد ۾ وري بهترين قسم جا سرجيڪل انسٽرومينٽس ۽ ڪٽلري آئٽم  تيار ٿين ٿا۔ ملڪ جا بوٽ ٺاهڻ جا ٻـ وڏا مک ڪاخانا بـ پنجاب ۾ ئي آهن. اهي ڪل ئي ايڪسپورٽ جا اهم  اسم آهن. فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ ۾ ڊرائي پورٽ قائم ڪيل آهن. لاهور لڳ واگھا دنگ وٽان هندوستان سان واپار هلي ٿو. نئين معاهدي تحت ڀارت ۽ افغانستان لاءِ  انهي هنڌان مال آندو ۽ نيو وڃي ٿو. لاهور ۾ عالمي معيار جو “ايڪسپو سينٽر” ٺهيل آهي. جتي هر سال ڪيتريون ئي نمائشون لڳن ٿيون. اهي سڀ زراعت کان مٿانهان ڌندا آهن. جيڪي صوبي جِي وڏِي آبادي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪن ٿا.

سنڌ ۾ راڄڌاني کان ٻاهر نـ ئي ڊرائي پورٽ آهي ۽ نـ  ڪو ايڪسپو سينٽر. ڪراچي شهر کان ٻاهر نڪري نوري آباد ۽ اٻاوڙي جي وچ ۾ ساريون ڇڙڻ، ڪپهـ ٽاڻڻ  ۽ شگر مل کان علاوهـ ٻيو ڪو خاص  صنعتڪاري جو خطو نـ آهي. ڏهرڪي وغيرهـ ۾ ڪجهھ هٿرادو ڀاڻ جا ڪارخانا ضرور آهن. جتي سنڌ واسين لاءِ نوڪريون نـ هئڻ جي برابر آهن. موروثي زمينون تـ اسان جون آهن ئي آهن. پر اهي بـ ڀائرن ۾ ورهائبيون ٿيون وڃن. زمين ورهائجندي ورهائجندي نيٺ ان جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا ئي بچندا. پوءِ ڇا ٿيندو؟

قدرت طرفان عطا ٿيل سنڌو نديءَ جو پاڻي، سنڌي مهاساگر جا پڇم پورب ڏانهن کليل لنگهھ، جبلن ۾ پوريل معدني خزانن، چئن چٽين مندن ۽ سج جي اُس سميت ٻين ڪيترين ئي نعمتن ڏانهن اسان جو ڌيان ئي نـ ٿو وڃي.

موروثي زمينون تـ اسان جون آهن ئي آهن. پر اهي بـ ڀائرن ۾ ورهائبيون ٿيون وڃن. زمين ورهائجندي ورهائجندي نيٺ ان جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا ئي بچندا. پوءِ ڇا ٿيندو؟

سنڌڙيءَ جو رهبر شاهـ عبداللطيف ڀٽائي وطن واسين کي آسودو ۽ خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو. هو ڏيهـ ۽ ڏيهين لاءِ سدائين سڪار جون دعائون گھري ٿو. کين ور ور ڪري  اڳتي وڌڻ جو هدايتون ڪري ٿو. پاڻ  سر پرڀاتي سميت ڪيترن ئي سرن ۾ سڌريل قومن جي قطار ۾ شآمل ٿيڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻ جي  نصيحت ڪري ٿو:

سيرانديءَ ساز ڪيو، سمهين ساري رات،

جاجڪاڻي ذات، ائين هوءِ اڳهين؟

پاڻ ديس وارن کي اڄوڪو سک ڦٽائي پنهنجو آئيندو محفوظ ڪرڻ جو مشورو ڏئي ٿو. لطيف سرڪار جو رايو آهي تـ اها  قوم ئي صحيح  معنيٰ ۾ سڌريل  قوم سڏائي سگھندي، جنهن جا فرد ڏاکڙن وارا هنڌ لتاڙي پنهجي مهارت جي زورتي  پري پري تائين پهچي وڃن ٿا:

جنين سک ناهـ، چارڻ سي چئجن،

رڃن راهـ پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرا.

موهن جو دڙو تهذيب جي وارثن واري حيثيت ۾ سنڌو ماٿريءَ جي رهواسين ايامن کان بين الاقوامي واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعت جي ميدان ۾ دنيا جي قومن جي اڳواڻي پئي ڪئي آهي. تاريخي حادثن ۽ وک وک تي نا انصافين جي ڪري شاندار ماضي رکندڙ اسان جي  قوم زندگيءَ جي عملي ميدان ۾ ٻين کان پٺتي رهجي وئي آهي.

ياد رکڻ کپي تـ ڪاروبار جي اصل طاقت مارڪيٽ آهي. جن فردن ۽ قومن کي مارڪيٽ  قابو ڪرڻ جو ڏانءُ آهي، اهي ساري جڳ کان اڳرا آهن. اسين سڀ ڄاڻون ٿا تـ  دنيا جي آدم شماري ۾ هر گھڙيءَ واڌارو ٿيندو رهي ٿو. عام کپت جي اهڙن اسمن جو ڪاروبار جن ۾ مقابلو گھٽ آهي، يقيني سوڀ جي ضمانت آهي. مختلف سببن جي ڪري ٻن ٽن ڏهاڪن کان دنيا ۾ بيماريون وڌي رهيون آهن. انهن ۾ وڌيڪ خطرناڪ اهي آهن، جيڪي هڪ انسان کان ٻئي انسان کي چنبڙي پون ٿيون. ان جو مک ڪارڻ هڪ دفعو استعمال ڪيل سين جو ٻيهر استعمال آهي. ائين ٿيڻ جي ڪري بيماري هڪ مريض کان ٻئي مريض کي لڳي وڃي ٿي. ان جو حل اهو ڪڍيو ويو آهي تـ هڪ سئي صرف هڪ دفعو استعمال ٿئي. پرانڌي لالچ جي ڪري بي ايمان ماڻهو اهي احتياتي تدبيرون اختيار نـ ٿا ڪن. هن ڳالهـ کي سامهون رکي صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او ڪيترن ئي سالن جي تحقيق بعد هڪ اهڙي سئي ٺاهي وئي آهي، جيڪا هڪ دفعو استعمال سان پاڻ هرتو ڀڄي پوي ٿي.  ٻيهراستعمال ڪرڻ جهڙي نـ ٿي رهي. مارڪيٽ  ۾ لڳاتار واڌ کي ڏسندي هيلوڪي  سال مارچ ۾ مصر ۽ ابو ظهبي وچ ۾ هڪ گڏيل رٿا جو معاهدو ٿيو آهي. جنهن  تحت قاهرا لڳ ستاويهـ سو چورس والن تي هڪ ٽـ ـ ماڙ عمارت ۾ پاڻ هرتو ڀڄي پوندڙ سيون ٺاهڻ جي فيڪٽري قائم  ڪئي ويندي. ڊبليو ايڇ او چوڻ آهي هر سال ايڇ آئي وي جا سترنهن لک نوان مريض  ظاهر ٿين ٿا. ان کان علاوهـ شگر جي مريضن  جو انگ بـ سال بسال وڌندو رهي ٿو. شگر جي پراڻن مريضن  کي هر روز انسلولين جون سيون لڳنديون آهن. ان لاءِ بـ  ڊاڪٽرن جي هدايت هوندي آهي تـ سيون صرف هڪ دفعو استعمال ڪيون وڃن. مٿي ڄاڻايل صورتحال مان سُين جي سالياني  کپت جي انگ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

سال بسال  سيئول ۾ “ڪوريا انٽرنيشنل ميڊيڪل اينڊ هاسپيٽل اڪوپمينٽ شو” منعد ٿيندو آهي. پاڻ هرتو ڀڄي پوندڙ سين جي فيڪٽري لڳائڻ جو ارادو ڪرڻ وارن لاء هن نمائش جو دورو لاڀدائڪ ٿي سگھي ٿو. اتي وڃي ڪوريا جي ڪمپنين سان جوائنٽ وينچر معاهدو ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ جو اهو شاندار موقعو ثابت ٿي سگھي ٿو. مشينري مهيا ڪرڻ واري ڪوريائي ڪمپني سان فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چونڊل آفيسرن ۽ ليبر کي ڪوريا ۾ مشينن تي تربيت ڏيارڻ معاهدي جو هڪ لازمي شرط هئڻ کپي. ان سان گڏ اڌ رقم ڏيئي باقي رهيل اڌ رقم جي ادائگي پلانٽ ۾ ٺهيل سين جي  ايڪسپورٽ جي صورت ۾ ڪري سگھجي ٿي. هاڻوڪو وقت  پاڻ هرتو ڀڄندڙ سين ٺاهڻ جي ابتدا جو آهي. “اڳي، سو تڳي” جي اصول موجب هن نئين نئين ميدان ۾ داخل ٿيڻ وارن جي ڪيترن سالن تائين مارڪيٽ ۾ هڪ هٽي رهندي. ٻاويهـ ڪروڙ ماڻهن جو هي ملڪ پاڻ اهڙين سين جي وڏي مارڪيٽ آهي. سنڌ حڪومت اهڙيون هڪ ڪروڙ سيون خريد ڪري سرڪاري اسپالن کي مهيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هي ڄڻ تـ ٺهيل ٺڪيل مارڪيٽ آهي. گھرو مارڪيٽ کان علاوهـ سڄي افريقا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ اهڙي سُين جي وڏي طلب آهي. هن وقت حڪومت کي ڊالرن جي ڏاڍي ضرور ت آهي. ايڪسپورٽ ڪرڻ  وارن کي وڌ ۾ وڌ سهوليتون ڏيڻ لاءِ آتي آهي. خيرپور اسپيشل اڪانومڪ زون ۾ پلانٽ لڳائڻ سان ججھو منافعو ڪمائڻ کان علاوهـ پنهنجي نوجوانن لاءِ روزگارجا نوان ذريعا  پيدا ڪري سگھجن ٿا. تجربيڪار ڊاڪٽرن لاءِ سيڙپڪاريءَ جو هي سونهري موقعو آهي.

ان کان علاوهـ هيءَ تازي ڳالهـ آهي تـ اسپيشل اڪنامڪ زون اٿارٽي (الف) نوشهروفيروز ۾ صنعتي پارڪ، (ب) نوري آباد ـ ٻولهاڙي ۾ ٽائرز فيڪٽري ۽ (ت) ناردرن باءِ پاس ڀرسان ماربل سٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون اڳ ئي منظور ٿيل آهي. ائين لڳي ٿو تـ ناردرن باءِ پاس، ڌاٻيجي ۽ نوري آباد ـ ٻولهاڙي ڄڻ تـ ڪراچي شهر کي ڪڙو چاڙهي بيٺا آهن؟ ظاهر ٿو ٿئي تـ ڪراچي شهر جا نوان مالڪ اهي ئي هوندا جن جون نون قائم ٿيندڙ اسپيشل اڪنامڪ زونس ۾ صنعتون هونديون. هزارين نوجوانن  لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. اسان کي انهن زونس ۾ مزدوري واريون نوڪريون ناهن ڳولڻيون. بلڪ مالڪ بڻجي نوڪريون ڏيڻ وارن مان  بڻجون. هنن زونس کي ڏنل ترغيبن، رعايتن ۽ سهوليتن موجب،  زونس ۾ صنعتون قائم ڪرڻ لاءِ ٻاهران امپورٽ ڪيل مشينري تي ڊيوٽي وغيرهـ نـ ڀرڻي هوندي. ڏهن سالن لاءِ انڪم ٽيڪس بـ معاف هوندي.

ان سان گڏ اهو ٻڌايو ويو آهي تـ  خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون تي 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي  ويو آهي. ان زون ۾ ڊرائي مينگو چپس ۽ کارڪن مان پيسٽ تيار ڪرڻ سميت ايگرو فوڊ پروسيسنگ، نان فوڊ پروسيسنگ ۽ لائيٽ انجنيئرنگ گڊس لاءِ پلاٽس مخصوص ٿيل آهن. خيرپور ملڪ ۾ کارڪن جي پيدائش جو مک علائقو آهي. علائقي ۾ هزارين ايڪڙن تي کجيون پوکيل آهن.

ڪراچيءَ  ۾ ناردرن باءِ پاس لڳ ٽي سو ايڪڙن تي ماربل سٽيءَ قئم ڪيو پيو وڃي. دنيا ۾ جيئن آبادي وڌي ٿي تيئن نون گھرن، تعليمي ادارن، سرڪاري ۽ پرائيويٽ آفيسن جي گھڻي ضرورت پوي ٿي. انهن جي اڏاوت ۾ ماربل جو استعمال عام  ٿي ويو آهي. مطلب ٿيو ماربل جي گھرج ڏهاڪن تائين ۽ ان کان بـ وڏي عرصي لاءِ جاري رهڻ واري ۽ بقادار آهي. ماربل مهانگو اسم آهي. ان جا وڏا خريدار دنيا جا امير ملڪ آهن. عمارت سازي لاءِ گھڻو ڪري ڊائمينشن اسٽون (ڊيگھ ـ ويڪرـ ٿولهـ ماپيل پٿر) گھربل هجي ٿو. ماربل پروسيسنگ جي جٽادار مشينري لاءِ اٽلي مشهور آهي. چين جي  مشينري سستي پوي ٿي.

هوڏانهن نوشهروفيروز ۾ قائم ٿيندڙ صنعتي پارڪ (انڊسٽريل اسٽيٽ) بـ اسان جي ماڻهن لاءِ آهي. مک اين فائيو روڊ نوشهرو فيروز ضلعي جي وچان ٿو گذري. اهو ئي تـ نارائڻ شيام جو اباڻو وطن آهي. اتي ڪنهن خاص صنعت قائم ڪرڻ  تي زور ڏنل نـ آهي. اهو اتان جي ماڻهن تي ڇڏيل آهي. جيڪا وڻين صنعت  لڳائين.  نقشي ۾ ڏسبو تـ نوشهروفيروز سنڌ جي وچ واري حصي ۾ آهي. اهو سڄو علائقو ڀلا جانور پيدا ڪرڻ کان مشهور آهي.

سڄي عالم  ۾ مسلمانن جو انگ پوڻا ٻـ ارب آهي. جيڪو ڪل آبادي جو ٽيهـ سيڪڙو آهي. اهي سڀ حلال گوشت کائيندڙ آهن. دنيا ۾ ٻـ هزار ڏهن ۾ گوشت سميت حلال تصديق ٿيل کائڻ پيئڻ جي اسمن جي صنعت ٻـ هزار پنڌرنهن ۾  اٽڪل پوڻا ٽي ٽيريلين  ارب ڊالر جي برابرهئي. جيڪا توقع ڪئي پئي وڃي تـ ٻـ هزار چوويهن تائين ڏهـ ٽيرلين ڊالرن تي  پهچي ويندي. حلال گوشت پروسيس ڪري ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ  نوشهروفيروز ۾ قائم ٿيندڙ صنعتي پارڪ بهترين هنڌ آهي.

مٿي ڄاڻايل خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ فائدا حاصل ڪرڻ خاطر مرشد شاهـ عبداللطيف ڀٽائي جي بيت “کُهي جا کنيائين، وک تنهن ويجھي ڪئي” مطابق هاڻي اسان تي لازم ٿو بڻجي تـ پنهنجي معاشي سرگرمي جو فوڪس تبديل ڪريون ۽ صنعتي ميدان ۾ پير پايون. مٿي ذڪر ڪيل سڀ صنعتون منافعو ڏيڻ واريون آهن. اسان جي سنگت کي کپي تـ آخري موقعو سمجھي  اڳتي وڌي ڪراچيءَ کي ممڪنه طور ايندڙ ڪڙو ٽوڙي منافع بخش صنعتڪاري ۾ پورو پورو ڀاڱو وٺون. اصول اهو ئي آهي: ڌرتي اسان جي آهي تـ  ان مان پيدا ٿيندڙ نفعو بـ اسان جو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.