جلال چانڊيو جنهن کي سنڌ اڄ به ساري ٿي

تحرير: مظهر خاصخيلي

اڄ وري 10 جنوري جو ڏينهن ڦري  آيو آهي اڄوڪوڏينهن سنڌ ۾ لکين جلال چانڊيو جي چاهيندڙن کان نه وسرندڙ ڏينهن آهي هن ڏينهن تي  10 جنوري 2001 تي جلال چانڊيو جيڪو پنهنجي طبيعت ۽ ڳائڻ جي منفرد انداز سبب سڄي سنڌ ۾ عزت ۽ مان جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.

سنڌ ۾ کوڙ اهڙا فنڪار آهن جيڪي جلال چانڊيو کان پوءِ يڪتارو ۽ چپڙي جو راڳ ڳائين ٿا انهن مان گهڻائي جلال چانڊيو کي پنهنجو استاد ڪري مڃي ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين 10 جنوري جي شام ٿيندي ئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سمورا فنڪار ضلعي نوشهروفيروز جي شهر ڦل اچي گڏ ٿي سندس قبر تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ پنهنجي پنهنجي واري ملڻ تي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. جلال چانڊيو جو سنڌ جي ثقافت ٽوپي پائڻ وارو انوکو انداز به سنڌ جا رهواسي اپنائيندا اچن ٿا جلال جڏهن ٻاهرن ملڪن خاص ڪري يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ويو هو ته اتان جي نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جلال چانڊيو جي ڳائڻ واري انداز سان گڏ يڪتارو ۽ چپڙي وڄائڻ واري انداز ۽ ٽوپي پائڻ واري انداز کي تمام گهڻو پسند ڪيو هو جلال جي هڪ وڏي ۽ خاص اها خوبي اسان کان  اهڙو محبوب فنڪار ۽ ماڻهو 10 جنوري 2001 تي جسماني طور گڙدن جي بيماري سبب سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي رهندڙ سنڌي ماڻهن کي هميشهه لاءِ ڇڏي جسماني طور تي موڪلائي هليو ويو پر ان ڳالهه جو ڏک ضرور آهي ته سنڌ جي ثقافت کاتي هن عوامي فنڪار کي وساري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.