قمبر ڀرسان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو، ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا زخمي

قمبر( ڊ ر )  مهي مڪول ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ جمع خان بروهي ۾ بروھي برداري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو لٺن ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا 4ڄڻا فضل الرحمان بروهي وزير علي عاشق  علي ۽ عزيز بروهي سخت زخمي ٿي پيا پوليس کين سول اسپتال قمبر پهچايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

ڪنري ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻن عورتون سميت 4 ڄڻا زخمي

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان ٻه ڌار ڌار روڊ حادثا، ٻن عورتن سميت چار ڄڻا سخت زخمي، ٽڪ ٽاڪ ٺاھيندي ڪار ڪلٽي ٿيڻ ۽ موٽرسائيڪل کي رڪشي جي ٽڪر سبب  حادثا پيش آيا، حادثي ۾ ڪار مڪمل تباھ ٿي وئي، زخمي اسپتال داخل. تفصيل موجب ڪنري ڀرسان جوزف آباد پاڙي وٽ ٽڪ ٽاڪ ٺاھڻ دوران ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ واپاري ايسوسي ايشن جي صدر حاجي عبدالحفيظ آرائين جو ڀائيٽو 17 ورھين جو عبدالله ولد محمد حسين آرائين سخت زخمي ٿي پيو. نوجوان کي تعلقي اسپتال آندو ويو جتان کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. حادثي بعد ڪار مڪمل طور تباھ ٿي وئي. ٻُڌايو پيو وڃي ته نوجوان ڪار ھلائيندي موبائل ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاھي رھيو ھو ته اوچتو رولو ڪتا سامھون اچي ويا جنھن سبب ڪار بي قابو ٿي پئي ڪلٽي ٿي وئي. ھوڏانھن ٻيو واقعو ڪنري ڀرسان ٻسٽان بائي پاس تي پيش آيو. جتي چنگچي رڪشا موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر ھنيو جنھن جي نتيجي ۾ ڳوٺ لڌو ميگھواڙ واسي ٻه عورتون سيتا زال دليپ ميگھواڙ، گوري زال پرڀو ميگھواڙ ۽ ھڪ معصوم ٻارڙي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي تعلقي اسپتال آندو ويو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي علاج ھلندڙ ھو.

لاڙڪاڻي ويجهو چنگچي ڪلٽي، هڪ ڄڻو زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) گمبٽ جي علائقي صدر جو ڀٽيون ويجهو دڙي موڙ تي تيز رفتاريءَ سبب چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿي پيو نتيجي ۾ گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ ارباب ڪلهوڙو  واسي 17 ورهين جو نوجوان اليڪٽريشن نوجوان الاهي بخش ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي نوجوان جي مائٽ شڪيل احمد ڪلهوڙو ٻڌايو ته نوجوان الاهي بخش ڪلهوڙو اليڪٽريشن آهي جيڪو چنگچي رڪشا تي بجلي جو سامان کڻي وڃي رهيو ته ڳوٺ ڀرسان تيز رفتاريءَ سبب چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿڻ جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.