مورو ۾ پوليس جي گهر تي ڪاهه، مبينا تشدد، احتجاج

مورو (رپورٽ رشاھنوازڀٽي)  مورو شھر جي ملڪ ڪالوني دادو روڊ تي پوليس جو ياسين لنجار جي گھر تي چڙھائي گھر ۾ موجود عورتن تي  تشدد مار ڪٽ گھر ۾ موجود منٺار لنجار گرفتار  عورتن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان جي مردن کي بي ڪثور گرفتار ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو آھي  اسان جي گھر ۾ پيل سارو سامان سونا زيور ڪيش رقم سميت لکين رپيا کڻائي ويا آھن  انھن جو اھو به چوڻ ھيو ته سابقہ وزير قانون ضياء الحسن لنجار ڪيترائي دفعا فيصلي جون تاريخون پڻ رکيون آھن مگر ماستر علي مراد لنجار طرفان لکين رپيا رشوت ڏيڻ سبب اسان جو ضياء الحسن لنجار فيصلو به نه ڪري رھيو آھي   انھن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آصف علي زرداري سميت ملڪ جي اعلیٰ قيادت کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان مٿان ڪوڙا منگھڙت ڪيس ختم ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاجن اسان پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي پاڻ ساڙينداسين‎.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.