”درگاهون ۽ درسگاهون کوليو“ سيوهڻ ۾ جهدوجهد ڪميٽي جي بک هڙتال

سيوھڻ(ن ع آ)ڪورونا وائرس جي خطري سبب سيوھڻ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ناليواري صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر، ٻيون درگاھون ۽ درسگاھون بند ٿيڻ رکڻ خلاف جدوجھد ڪميٽي جي سڏ تي  متاثر شھرين پاران اڄ 19ھين ڏينهن به درگاهه قلندر جي قديم علم پاڪ آڏو احتجاج جو سلسلو جاري رکندي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، دڪاندارن، شھرين ۽ مختلف ڪاروبار ڪندڙ ريڙھي مزدورن ريسٽ هائوس مالڪن حڪومتي فيصلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڪبر ملاح، اصغر ڪوريجو، محبوب چانڊيو، محمد بخش رند، سيد عاشق حسين شاھ ڪاظمي، احسان رند ۽ ٻين چيو ته درگاھ قلندر جي مزار کي کوليو وڃي ته قلندر جي درگاھ بند ٿيڻ ۽ زائرين جي آمد نه ٿيڻ ڪري دڪاندار ۽ شھري بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ سندن گھرن ۾ فاقاڪشي پيدا ٿي وئي آهي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايس او پيز تحت تعليمي ادارا ۽ قلندر شھباز سميت سنڌ ۾ بند پيل درگاهون کوليون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.