جيڪب آباد (ڊر )جيڪب آباد ۾ ھڪ مھينو اڳ صدر ٿاڻي جي حد قائم شاھ بخاري وٽ بيدردي سان قتل ڪيل رحمت الله گولو کي تل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء وڏي ڀاء حاڪم علي گولو ۽ گل حسن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي مقتول جي وارثن گهر ڪئي ته مک جوابدار رياض عرف جنريٽر لاشاري ۽ صادق بروھي ولد اسد علي بروھي ڳوٺ ۾ آزاد گھمندي رهيا آھن جيڪي اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن جڏهن ته صدر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي اسين آء جي سنڌ ۽ ايس ايس پي محمد طارق نواز کي اپيل ٿا ڪريون ته مک جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.