انڊيجينيس رائٽس الائنس جو موقف درست آهي

ايڊيٽوريل

روزاني عوامي آواز جي سينئر رپورٽر جميل چانڊيو جي رپورٽ موجب انڊيجينيس رائٽس الائنس جي سڏ تي ملير ايڪسپريس وي منصوبي جي خلاف ڳوٺ شفيع سمون، مگسي ڳوٺ ، لاسي ڳوٺ ، ميمڻ ڳوٺ جي سوين رهواسين سميت ملير ضلعي جي آبادگارن، سياسي، سماجي اڳواڻن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي يوسف مستي خان، گل حسن ڪلمتي، خدا ڏنو شاهه، عبدالخالق جوڻيجو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ٿاڻو پاڪستان هوٽل کان ڄام ڳوٺ ملير تائين پيادل مارچ ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ملير ۾ جيڪي به منصوبا آندا ويا آهن اهي تباهي جو سبب بڻيا آهن جن ۾ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ٻيٽن تي شهر اڏڻ ۽ ايڪسپريس وي جهڙا منصوبا شامل آهن. اهڙن منصوبن جي اوٽ ۾ قديم ڳوٺن زرعي زمين، کوهن، درگاهن ۽چرا گاهن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جي سازش ڪئي وڃي ٿي. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ايڪسپريس وي منصوبو ٺاهڻ وقت نه ملير جي عوام ۽ نه ئي چونڊيل نمائندن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو چونڊيل نمائندن جي اعتراض اٿارڻ کانپوءِ انتظاميا ماڻهن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ چونڊيل نمائندن کي ساڻ وٺي روٽ تبديل ڪرڻ جا بهانا ڪري رهي آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته ملير ايڪسپريس وي جو روٽ تبديل ڪيو وڃي ۽ مقامي ڳوٺن کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

اسان انڊيجينيس رائٽس الائنس جي موقف جي پٺڀرائي ڪيون ٿا ۽ ملير ضلعي جي سياسي سماجي تاريخي حقن جي مالڪي ڪرڻ کي ساراهيون ٿا. اسان جو خيال آهي ته ڪنهن به ترقياتي منصوبي شروع ڪرڻ کان اڳ جن زميني حقيقت جو جائزو حڪومت کي وٺڻ گهرجي ها تنهن جي نشاندهي انڊيجينيس رائٽس الائنس ڪئي آهي. اسان جو خيال آهي ته حڪومت کي هر ترقياتي منصوبو ان مخصوص علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺي ڪري شروع ڪرڻ گهرجي ان سان اهو فائدو رسندو آهي ته ان منصوبي کي تڪراري بڻائڻ کان بچائي سگهجي ٿو ۽ ٻيو ته جنهن علائقي يا جن ماڻهن لاءِ اهو جيڪو مخصوص منصوبو شروع ڪجي ٿو تنهن لاءِ سندن راضپو معلوم ڪرڻ لازمي هوندو آهي.

سو ملير ايڪسپريس وي متعلق به سنڌ سرڪار کي گهرجي ته مقامي سياسي ۽ سماجي تنظيمن انهن جي اڳواڻن ۽ اتان جي چونڊيل نمائندن کي اعتماد ۾ وٺي. ان ۾ حڪومت جي ئي عزت آهي. ٻيو ته اهي ترقياتي ڪم عوام لاءِ ڪيا وڃن ٿا تنهن ڪري عوام جي خواهش ۽ امنگن جو هر قيمت تي خيال ڪرڻ گهرجي.

ماضيءَ ۾ ٿيندو ايئن هو ته چونڊيل نمائندا يا حڪمران عوام جي مطالبن تي سندن علائقن لاءِ ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪندا هيا ته پوءِ عوام به انهن تي سرهائي جو اظهار ڪندو هو. هاڻي اها عجيب صورتحال آهي ته حڪومتون جيڪو به ترقياتي ڪم ڪن ٿيون ان تي اعتراض واريو وڃي ٿو ۽ انهن منصوبن جي خلاف احتجاج ڪيا وڃن ٿا. ان جو سبب اهو آهي ته هاڻي جيڪي ترقياتي ڪم ٿين ٿا سي عوام جي مطالبن جي نتيجي ۾ نه پر خالص حڪومتي مفادن تحت ڪيا وڃن ٿا. اقتدار جي اصل طاقتن کي خوش ڪرڻ لاءِ منصوبا گهڙيا وڃن ٿا.

جيئن پ پ جي گذريل حڪومت ۾ ذوالفقار آباد جو منصوبو ٺاهيو ويو هو يا سنڌ جي ٻن ٻيٽن تي موجود وفاقي حڪومت ترقياتي منصوبو جوڙيو آهي جن تي سنڌ جي عوام شديد مخالفت ظاهر ڪئي آهي. ايئن بحريا ٽائون ٺاهڻ واري معاملي ۾ به سنڌي عوام اعتراض ورايو هو. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌي عوام ترقي جو مخالف آهي نه بلڪل به نه. ان نموني سوچڻ ۽ سمجهڻ ئي ڪمزور ذهنيت آهي. ڪير به ترقي جو مخالف نٿو ٿي سگهي پر ترقي جي اوٽ ۾ جيڪڏهن سنڌ يا ان جو علائقو ئي تاريخي وجود وڃائي ويهي رهي يا سنڌي قوم کي انهن ترقياتي منصوبن مان ڪجهه پلئه نه پوي رهندو پنهنجي مفادن کي مسمار ٿيندو ڏسي ته اهو ڪيئن پنهنجي تباهي چاهيندو پر جيڪڏهن حڪومت جو خيال آهي ته اهو موقف غلط آهي ته ان کي ان علائقي جي عوام سان ڳالهائڻ گهرجي، ان کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، ان کي قائل ڪرڻ گهرجي تيستائين جيستائين هو حڪومت جي موقف کي دل سان تسليم نٿو ڪري. اها ئي جمهوري حڪومت جي تقاضا آهي ته اها عوام جي منشا موجب هلي، عوام جي اين او سي تحت ترقياتي ڪم ڪرائي.

هڪ حقيقت ان حوالي ۾ اها به آهي جنهن جي اسان پهريون به هن ئي ايڊيٽوريل ۾ نشاندهي ڪري چڪا آهيون ته هن ترقي يافتا ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ حڪومت ۽ حڪمرانن ۾ وري  فڪري زوال آيل آهي. وقت جي ترقي سان حڪومت جو معيار ناهي وڌيو اڃا به زوال آيو آهي. باوجود جي ته اڄ جي دور ۾ وڌيڪ سائنسي نموني ۽ درست طريقي سان ڪم ڪرڻ جون سهولتون به آهن ته موقعا به آهن، سڌريل ملڪن جي سڌريل حڪومتي نظامن جا ماڊل به اسان جي آڏو آهن پر افسوس ته جديد دور جا حڪمران انهن جو ڪو به لاڀ ماڻڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. جنهن تي حيرت جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.

سو اسان سنڌ سرڪار کي وينتي ڪنداسين ته اها عوام جي مفادن تحت ترقياتي ڪمن لاءِ  ان  کي اعتماد ۾ وٺن ته جيئن سندن ترقياتي ڪم تڪراري نه ٿين.

پر هتي جيڪو عوام نٿو چاهي سو ٿئي ٿو ۽ جيڪو عوام چاهي ٿو سو نٿو ٿئي. جيئن باڊهه جو عوام ڪافي سالن کان باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ گهري ٿو پر ان جي مطالبي کي کنگهيو ئي نٿو وڃي. ايئن ملير ضلعي جي مفادن جي رکوال تنظيم انڊيجينيس رائٽس الائنس جيڪو چاهي ٿي تنهن کي سنڌ سرڪار ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ناهي جنهن تي افسوس ۽ حيرت جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.