سنڌ ۽ هند جو نارائڻ شيام

تحرير: گل مورو

سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا بهار شاعر نارائڻ شيام جولاءِ جي جهولن واري مهيني ۾ ساهتي پرڳڻي جي قديمي ڳوٺڙي کاهي قاسم نوشهروفيروز ۾ ديوان گوڪلداس ناگواڻيءَ جي آڳنڌ تي 25 جولاءِ  1922ع ۾ اک کولي، اڄ به سنڌ توڙي هند ۾ ڏات ڏڻي ان راءِ تي متفق آهن ته شيخ اياز کان پوءِ جيڪڏهن ٻيو سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، اهو نارائڻ شيام هو اها به حقيقت مڃڻي پوندي ته شاهه لطيف کان پوءِ ڌرتيءَ جي فڪر جا شاعر سنڌ ۾ اياز، هند ۾ شيام، ۽ بنگال ۾ رابندر ناٿ ٽيگور هيا. جن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا ماڪ ڦڙا، پريت جون پنکڙيون، ڏات ۽ حيات جا روشن ڏيئا نظر اچن ٿا. هن پنهنجي ڏات ڌرتي ڌڻين جو خواب آزادي، سوراج جو سپنو، ۽ ڌرتيءَ جي خوشي ئي هو.

تڏهن ته نارائڻ ڀٽائي جي ڀونءَ تي لطيف جو ٻيجل بڻجي چوندو هيو.

آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ آءٌ ڳايان ٿو جنتا جو راڳ. (نارائڻ شيام)

نارائڻ لاءِ سڀ ڪجهه لطيف ۽ سچل جي ڌرتيءَ جا وارث هيا. جن جي خوشحالي ۽ شادابيءَ لاءِ ٻيجل ٻڻجي ٻاڪاريندو رهيو. سنڌ جي سڄڻن کي سجاڳيءَ جو درس ڏيندي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ممتا جي ٻولي تي ٿيندڙ وارتائن جي نشاندهي ڪندي شاعراڻي انداز ۾ آگاهه ڪيو.

الا ائين م ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي.

هيءُ سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. (نارائڻ شيام)

نارائڻ کي خبر هئي ته آڌي رات جا گدڙ ٻاگهل جي ٻوليءَ تي ضرور وار ڪندا ائين ئي ٿيو. ورهاڱي جي بي رحم لڪيرن کان پوءِ جڏهن ون يونٽ وارن واڳن ڀٽائي جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ کي پنهنجي وات ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اياز ڪارونجهر جي ڪوهيارن کي هينئن ڪوڪاريندو رهيو.

سٺ اُڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪنجل لوڏ.

هوڙيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان. (اياز)

جڏهن الهاس ننگر جي اڳنڌ تي اياز جي اها ڪوڪ نارائڻ جي ڪن تي پئي ته کيس آٿت ڏيندي چوندو رهيو:

سنڌ سنڌين ۾ وسي، سنڌ هتي سنڌ هُتي.

ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان

ڄاڻ ماڻهن جي پوي صاف ٻوليءَ مان.

شيام ڳالهائجي سنڌي ٿي، جتي، سنڌ اُتي. (نارائڻ)

جڏهن نارائڻ جي جندڙي ڀُرڻ لڳي، سنڌڙي تي وار ٿيڻ لڳا، جهريل جيءَ ۾ باهه جا اُلا ٻرڻ لڳا، جڏهن به سنڌوءَ جي سڄڻ جو ڪو سنيهو کيس مليو. پنهنجا پور پريت جي پنن تي لکي هيئن اوريندو رهيو.

سائين! جيئري جندڙي جي سُور جون سوصورتون،

زندگيءَ ۾ چين جي ڪا ڪين ملي، ممڪن نه آهه،

اون ايندڙ جي وڻي، جاپُور ڳڻتيون حال جون.

سائين! جيئري جندڙي جي سُور جون سوصورتون.(نارائڻ)

اهي سُورن جون سوين صورتون پنهجي ساهه ۾ سانڍي پنهنجي قدرتي ماتا کي ياد ڪندو رهيو. ڇو ته ورهاڱي هن جي اندر ۾ وڍ وجهي ڇڏيا هئا.

اسان جي هن ٻهڳڻي شاعر دوهي، بيت، وائي، نظم، آزاد کان وٺي گيت غزل تقريبن شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هو دوهي ۾ چوي ٿو:

جاڳ جاڳ مومل مٺي، جاڳ سهاڳڻ جاڳ.

موٽي وڃي مينڌرو، پٺي نه ڏئي ڀاڳ. (نارائڻ)

نارائڻ شيام ورهاڱي کان پوءِ هيءُ وڃي هند رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو رهيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن ڪيو آهي.

الائي ڪهڙيءَ گهڙيءَ شيام نڪتاسين.

وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب به نه ٿي.(شيام)

نارائڻ شيام ڀٽائيءَ جي فڪر جو به ڄاڻو هو ڀٽائي کي خراج تحسين پيش ڪندي سنڌ سونهاري سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هن ريت ڪيو:

اڄ شاهه جي رسالي تي نظرون کپي ويون،

موٽي صدين کان پوءِ ٿي ڄڻ سنڌ مون ڏٺي،

(2)

ٿر جون ڀٽون پري ۽ پري سنڌ جون ڀٽون،

اڄ پاڻ وٽ نڪو شاهه نه ڪا مارئي ڏسان.

سنڌ جي هن ساهتي پرڳڻي کي اهو فخر به ڪرڻ گهرجي. ته نوشهروفيروز جي ادبي تاريخ لاءِ اهو اعزاز به آهي جو هن ڀاڳ ڀريي خطي جي ڳوٺڙي کاهي قاسم سنڌ ۽ هند جي سدا حيات شاعر نارائڻ شيام کي جنم ڏنو. جيڪو سنڌ ۽ سنڌوءَ جي جياپي ۽ آجپي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين. جهيڙويندو رهيو. هي وطن جو ويساهه سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ساهه 10 جنوري 1989ع تي سنڌ هند ساهتيءَ جو سپوت پنهنجي وطن کان وڇڙي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.