حضرت پير سائين ڇٽ ڌڻي بادشاھ ر ح جون سچيون ڳالھيون

تحرير: اسد ڏاهري

برصغير جي عظيم هستي سنڌ جي عظيم سپوت امام انقلاب پير سيد صبغت الله شاهه ثاني المعروف پير سائين سورهيه بادشاهه جي گهر ۾ 22 نومبر 1928ع جمعي جي ڏينهن پاڳارا خاندان جو چشم وچراغ اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا سيد شاهه مردان شاهه ثاني سيد سڪندر علي شاهه راشدي المعروف پير سائين ڇٽ ڌڻي بادشاهه رح  جن تشريف فرما ٿيا.

20 مارچ 1943ع ڌاري سندن والد ماجد سيد سورهيه بادشاهه کي انگريزن شهيد ڪري کين ۽ سندن ننڍي ڀاءُ سيد نادر علي شاهه سان گڏ جلا وطن ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ حڪومت پاڪستان کين واپس گهرائي سندن گادي بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. جلد 4 فيبروري 1952ع ڌاري مرشد رهبر اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا  ڇٽ ڌڻي رح جن ننڍي کنڊ جي وڏي روحاني گادي درگاهه عاليه راشديه پير جو ڳوٺ جا ستين پير پاڳارا جي حيثيت سان روحاني پيشوا ، درسگاهه جامع راشديه جا رهبر ، ڌرتي ۽ قوم جا محافظ ۽ ممتاز سياستدان ٿي اڀريا.1953ع واري اليڪشن ۾ مير غلام علي ٽالپر اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا ڇٽ ڌڻي رح کي مشورو ڏنو ته توهان سياست بجاءِ تعويذن ۽ ڦيڻن ذريعي مريدن ۽ عقيدتمندن تي حڪومت ڪريو پاڻ جواب ڏنائون ته پاڳارا خاندان ملڪ جي سياست کان الڳ ڪيئن ٿو رهي سگهي. هو ته پنهنجن وڏن جي روايتن کي قائم ۽ دائم رکڻ ٿو چاهي. پير سائين ڇٽ ڌڻي رح حر تحريڪ جي ڏتڙيل حر جماعت جي اهڙي ته رهبري ڪئي جو اڄ جماعت سڳوري خوشحال آهي. پير سائين پاڳارا جي دانائي ۽ عقلمنديءَ سان درگاهه شريف جي بحالي، جماعت سڳوري جي بهترين تربيت سميت ڪيترائي ڏکيا ڪم ۽ سياسي ۽ برادري مسئلا هئا جن کي پاڻ ڏاهپ ۽ دانائي سان حل ڪري پاڻ کي هر ميدان ۾ ڪنگ ميڪر طور مڃرايو. 1965ع ۽ 1971ع واري جنگين ۾ اعليٰ حضرت پير سائين جي حڪمن تي پاڪستان فوج سان شامل ٿي حر جماعت هن ملڪ ۽ قوم جو دفاع ڪيو ۽ دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. پير سائن ڇٽ ڌڻي بادشاه رح ۽ حر مجاهدن کي پاڪستان جي ان وقت جي صدر ايوب طرفان ستاره پاڪستان ۽ تمغه هلال پاڪستان جي لقبن سان نوازيو ويو. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا ڇٽ ڌڻي رح جن هر سال عيدن جي پر مسرت موقعن تي  حر جماعت ۽ عقيدتمندن  کي پنهنجي روحاني خطابن ۾ هدايتون، نصيحتون ۽ اصلاح پڻ ڪندا هئا اهوئي سبب آهي جو اڄ حر جماعت جو ٻچو ٻچو پڙهي اڳتي نڪري پيو آهي جماعت جا افراد ايوانن تائين پهچي چڪا آهن تعليم جي تلقين ڇوڪرن کان وڌيڪ ڇوڪرين کي اهميت ڏيڻ آهي ڄائي ڄم وارا رشتا ختم ڪري  ڇوڪر ۽ ڇوڪري جي شادي وقت راضپو معلوم ڪرڻ کي اهميت ڏئي ڪارو ڪاري ۽ پيار جي پرڻن جي مدي خارج رسمن کي جماعت مان خارج ڪيو. حر جماعت ۾ سرداريءَ جو  ڪوبه نظام نه آهي.  جماعت جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ درگاهه تي فيصلا ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا بنا ڪنهن فرق جي امن ، ايڪي ۽ ڀائيچاري سان ڌرين کي کير کنڊ بنائي ٿي ديني خدمتون به سندن بي مثال رهيون آهن. هر سال 27 رجب تي جامعه راشديه سال لاڳاپيل مدرسن جي طالب علمن جي دستاربندي ڪري کين سڪندري جي لقب سان پوري دنيا ۾  متعارف ڪرائڻ واري اعزاز سان گڏ ملڪ جي مشهور عالمن کي گهرائي واعظ ڪرائي جماعت جي اصلاح پڻ ڪندا هئا. پاڻ ڪروڙين روپين جي خرچ سان پير ڳوٺ ۾ لئبريري قائم ڪري ان ۾ ناياب ڪتاب ۽ قلمي نسخا پڻ رکيا ان کان سواءِ علم نجوم ۽ فلڪيات جا ڪتاب پڙهڻ سگار پيئڻ گهوڙن جي ريس ڪرائڻ سالگرهه مبارڪ جي تقريب منفرد انداز ۾ ملهائڻ سميت شڪار جو شوق رکندڙ  نرالي شخصيت جا مالڪ پڻ هئا.

اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا  ڇٽ ڌڻي بادشاه رح جن ملڪ ۽ قوم جي هر ڏکي وقت ۾ اشارن ڪناين ۾ سچيون ۽ کريون ڳالهيون ڪندا هئا جيڪي دانائن لا صراط المستقيم ۽ جاهلن لاءِ مذاحيه خبرون هونديون هيون،سندن در تي جيڪو آيو سو رنڱجي ويندو هو. پاڻ هر دور ۾ منافقن ۽ سازشون ڪندڙن تا پڙدو کڻندا هئا سندن پيشنگوئين کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو هو کين مڃتا طور پڻ مڃيو ويندو هو ڀٽي جي دور ۾ ڇهن حرن جي شهيد ٿيڻ کان ويندي سندن نظربندي تائين پيشنگوئي ڪندي فرمايو ته ڪوٽ کاڄي چڪو آهي جلد ڪرندو کان وٺي مارشل لا ۽ جوڻيجو دور ۾ ڪوئي ۽ ٻلي جي دور جو جهڙو ٿي چڪو آهي، نواز شريف جي دور ۾ جن مسلم ليگ کي ٽوڙيو آ اهي ئي جوڙيندا وڌيڪ پاڻ فرمايائون ته نواز شريف جو مستقبل اونداهو آهي خدا ڪري کيس قبر به نصيب ٿي شريف ڀائرن جي اصليت جو فيصلو ججن کي ڪرڻو آهي پر مان جج هجان ها ته کين ناهل قرار ڏيان هان پير ڇٽ ڌڻي بادشاه چور لٽيرن ۽ مولوين لاءِ ڏکيو وقت ايندو سندن ڪڙو احتساب ٿيندو. بينظير ڀٽو جي دور ۾ فرمايو اسان کي ته ماني هضم ٿي ويندي پر محترمه جي ڀاءَ کي هضم نه ٿيندي. مشرف جي دور ۾ فرمايو ته زيردست بالا دست ٿيندو بالادست خاڪ بسر ٿيندو کا ويندي 2010ع ۾ فرمايو ته مخدوم امين فهيم جي هٿ ۾ وزيراعظم جي لڪير نه آهي ۽ وزيراعظم منهنجو پنهنجو ٿيندو. پاڻ فرمايائون ته سمنڊ ماڻهن ڏانهن اچي يا ماڻهون سمنڊ ڏانهن وڃن پر صفائي ضرور ٿيندي هڪڙا ٻڏندا، ٻيا لڙهندا ۽ جيڪي بچيا اهي منهنجا هوندا، عوام هڪ مهيني جو راشن پاڻ سان گڏ رکي حالتون خراب آهن سنڌ اندر طوفاني برساتن ۽ سم نالن واري بوڏ جيڪا حالت ڪئي ان ملڪي حالتن پير سائين سردار جي پيشنگوئي کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو.

اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا ڇٽ ڌڻي بادشاهه جو انمول ساروڻيون آهن. 22 نومبر 2011ع تي 83 سالگرهه مبارڪ جي مختصر پر وقار تقريب ڪنگري هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ سندن ويجها سياسي دوست، صحافي ۽ خاندان جي ويجهن فردن کي سڏايو ويو هو.ان  سالگرهه مبارڪ واري تقريب جو پاڻ صحافين سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو ۽ ڇرڪائيندڙ پيشنگوئيون ۽ صحافين سان کل ڀوڳ ڪندا رهيا، پير سائين ڇٽ ڌڻي بادشاه رح جن فرمايو ته صحافيو!! اڄ جيترا سوال پڇڻ چاهيو ٿا پڇي وٺو ڇاڪاڻ ته مان وڃان ٿو موڪل تي!!! وري صحافين جي پڇڻ تي پاڻ فرمايائون ته نرس لينڊ علاج لاءِ وڃي رهيو آهيان جتان جوان ٿي ورندس اتي هڪ صحافي پير سائين سردار کان پڇيو ته پير صاحب اليڪشن جو وقت ويجهو آهي تنهن تي پاڻ ان طرف اشارو ڪري چيو ته تنهنجي ۽ منهنجي عمر ۾ اليڪشن نه ٿيندي پيو ڏسان!!! سچ پچ ته ويٺو ڪنگري هائوس هئس پر پير سائين جي انهن لفظن دل ۽ دماغ کي پريشان ڪري ڇڏيو. ڪراچي کان حيدرآباد تائين اها پريس ڪانفرنس دماغ ۾ ڦري رهي هئي ڀاءَ  فقير منٺار منڱريو کان پڇيم جنهن چيو ته واقعي اڄ پير سائين ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون آهن سمجهه کان ٻاهر آهن پر پاڻ سڀاڻ ساليانيون معمول وارين ٽيسٽن لا آغا خان اسپتال ضرور ويندا ۽پير سائين سردار جن آغا خان اسپتال ۾ داخل ٿيا ۽ سندن آپريشن ڪيو ويو طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري وڌيڪ بهتر علاج لا لنڊن هليا ويا هتي هر روز درود سلام جو ورد جاري رهندو هو 10 جنوري 2012ع جو رات جي وقت عجيب ڪيفيت ٿي وئي لوچ پوچ ۾ رهيس ته اوچتو هڪ دوست جو ميسيج پڙهيم حواس خطا ٿي ويا جلد ٽي وي جو بٽڻ آن ڪيم ته پير سائين ڇٽ ڌڻي جي جدائي واري نيوز هلي رهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.