لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته فوج خلاف سڀ کان وڌيڪ بيان وزيراعظم ڏنا آهن. وزيراعظم عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي مريم نواز چيو ته فوج مخالف ڳالهائڻ وارن جي ڳالهه ڪري وزيراعظم پنهنجي ئي ڳالهه پيو ڪري، ڇو ته سڀ کا وڌيڪ فوج مخالف بيان وزيراعظم ئي ڏنا آهن.