هزاره يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جي جينز ۽ شاگردن جي وڏن وارن تي پابندي

پشاور(م ڊ)ڪي پي حڪومت جي ترجمان ڪامران بنگش  چيو آهي ته صوبي جي يونيورسٽين ۾ ڊريس ڪوڊ پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي، ڊريس ڪوڊ پاليسي تحت اسٽاف کي به مناسب يونيفارم هوندو، سمورين يونيورسٽين کي ڊريس ڪوڊ جو پابند بڻايو ويو آهي، ڪا به يونيورسٽي ڊريس ڪوڊ جي پاليسي جي طئي ڪيل ڳالهين کان انحراف نه ڪري، شاگردياڻين لاءِ ڊريس ڪوڊ ۾ عبايا، اسڪارف ۽ شلوار قميص شامل ڪئي وئي آهي، پڌرائي موجب شاگردياڻيون يونيورسٽين ۾ ميڪ اپ ۽ وڌيڪ وزني هينڊبيگ استعمال نه ڪري سگهنديون، يونيورسٽين کي ڊريس ڪوڊ بابت پاليسي اختيار جو اختيار ڏنو ويو آهي، اڪيڊمڪ ڪائونسل جو اجلاس گذريل سال 29 ڊسمبر تي ٿيو هو،ڊريس ڪوڊ پاليسي جو مطلب سادگي ۽ تعليمي سرگرمين جو حصول يقيني بڻائڻ آهي،ڊريسنگ ڪمپيٽيشن مان نڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليمي سرگرمين ڏانهن راغب ٿيندا،  هزاره يونيورسٽي جي پڌرائي موجب اڪيڊمڪ ڪائونسل ۾ سفارشون جوڙيون ويون، شاگردياڻيون يونيورسٽين ۾ ٽائيٽ جينز ۽ شرٽ نٿيون پائي سگهن، شاگرد ڊگها وار نٿا رکي سگهن،شاگرد پوني ٽيل، هٿن ۾ چين ۽ ڪنن ۾ واليون نٿا پائي سگهن، ڊريس ڪوڊ پاليسي جو مقصد امير ۽ غريب ۾ فرق ختم ڪرڻ آهي، ڊريس ڪمپيٽيشن نه هئڻ سان شاگردن ۽ والدين تي مالي ۽ نفسياتي بار نه پئجي سگهندو،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.