ٿي سگهي ٿو قومي اسيمبلي جون چونڊون وقت کان اڳ ٿين: سراج الحق

لوئر دير ( م ڊ ) جماعت اسلامي جَي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ڪهڙي خبر سينيٽ چونڊن وانگر قومي اسيمبلي جون چونڊون به وقت  کان اڳ ٿي وڃن. لوئر دير م ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته حڪومت هڪ قدم اڳتي وڌي ٿي ته يوٽرن پاليسي تحت 100 قدم پوئتي هٽي ٿي. هن چيو ته ناڪامي، نااهلي جو عالمي رڪارڊ هن حڪومت قائم ڪيو، ڪنهن کي خبر ناهي ته حڪومتي معاملا ڪير هلائي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.