پي ايم سي خلاف ڪراچي ۾ احتجاج جون تياريون جاري

ڪراچي (رپورٽر) پي ايم سي پاران سنڌ جي شاگردن جي جاءِ تي پنجاب جي شاگردن کي پاس ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن  ڪميٽي پاران ڪراچي پريس ڪلب تي ٻن ڏينهن واري بک ھڙتال جي حوالي سان سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، سھيل ڀٽو، نصر الله ڪلادي  ربنواز ملاڻو, حمز علي چانڊيو، اسد مغيري، ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي ۽ ٻين ڪراچي جي مختلف علائقن جا دورا ڪري شاگردن، سول سوسائٽي، وڪيلن، ڊاڪٽرن کي بک ھڙتال ۾ شرڪت جون دعوتون ڏنيون، ان موقعي دوري دوران سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو ۽ ٻين چيو ته پي ايم سي سنڌ جي شاگردن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي، پي ايم سي سنڌ جي شاگردن سان ميڊيڪل ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران متاثر شاگردن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ  مسلسل ميدان عمل ۾ آھي، ھنن چيو ته ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ سنڌ جي شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي سنڌ جي نوجوان کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي ان جدوجهد جو حصو بڻجن ته جيئن متاثر شاگردن کي انصاف ملي سگھي، ھنن مطالبو ڪيو ته پي ايم سي کي ختم ڪري پي ايم ڊي کي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.