سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 14 مريض فوت،1505 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس ۾ وڌيڪ 1505 ڄڻا مبتلا ٿي ويا، قاتل وبا وڌيڪ 14 مريضن کان حياتي  کسي ورتي، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب ڪورونا جا صوبي ۾ ڪورونا جا 1505 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 2لک 25 هزار 5سئو 9 ٿي ويو، ڪورونا وگهي 14 فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 3هزار 6سئو 93 ٿي ويو، وڏي وزير موجب ڪورونا سٽيل مريضن مان 1258 مريضن جو تعلق ڪراچي سان آهي، عمرڪوٽ ۾ 41، حيدرآباد ۾ 26، ميرپورخاص 24، دادو ۾ 23، بينظيرآباد ۾ 15، ٽنڊو الهيار ۾ 12 ڪيس رپورٽ ٿيا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.