ڪراچي ۾ گيم ڊائون لوڊ ڪرائڻ لاءِ ويل نوجوان جو لاش هٿ

ڪراچي  ( رپورٽر ) ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي مان گم ٿيل 13 ورهين جي نينگر جو لاش الطاف نگر مان هٿ ڪيو ويو جنهن جي  سڃاڻپ ارباب طور ڪئي وئي آهي، پوليس موجب نينگر کي سندس دوست جي گهر ۾ ڏٺو هو، جنهن بعد سندس لاش هٿ آيو، گهر جي مالڪ کي گرفتار ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.اورنگي ٽائون جي الطاف نگر مان 13 ورهين جي نينگر جو لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس اطلاع تي پهچي نينگر جو لاش تحويل ۾ وٺي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش جي سڃاڻپ ڪجهه ڏينهن اڳ منگهو پير مان گم ٿيل نينگر عباس طور ڪئي وئي.پوليس موجب نينگر کي الطاف نگر جي هڪ گهر ۾ ڏٺو ويو هو، جنهن بعد لاش علائقي  جي هڪ خالي پلاٽ مان هٿ آيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته گهر جي مالڪن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.