ٺل : موبائل فون رکڻ جو الزام هڻي مڙس زال جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو

ٺل(رپورث نماڻو نوناري) ٺل ويجهو مڙس پاران موبائيل رکڻ جو الزام مڙهي لٺيون هڻي زال جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو,اسپتال داخل پوليس جوابدار  مڙس کي گرفتار ڪري ورتو ڪيس داخل نه ڪيو خبر موجب ٺل ويجهو دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ بهادرپور کوسو ۾ جوابدر مڙس جواڻ کوسو پنهنجي زال 30 سالن جي مسمات رابعه کوسو کي لٺيون هڻي مٿو ڦاڙي ڇڏيو اطلاع تي ڇوڪري جا وارث پهچي ويا ۽ زخمي ٿيل عورت کي ٺل جي تعلقا اسپتال پهچايو جڏهن دلمراد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار مڙس جواڻ کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي زخمي ٿيل عورت مسمات رابعه کوسو ميڊيا کي دانهيندي ٻڌايو ته مونکي مڙس موبائيل رکڻ جو الزام هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ لٺيون هڻي مٿو ڦاڙيو ۽ ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي هن چيو ته مونتي موبائيل رکڻ جو الزام ڪوڙو مڙهيو آهي مونسان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.