ملير ۾ عالم جي گهر ۾ 13 تولا سون ۽ 7 لک رپين جو ڌاڙو

ملير (ڊ.ر) ملير جي علائقي پپري ۾ عالم دين جي گهر ۾ ڌاڙو، 13 تولا سون، 7 لک روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار، واقعي خلاف احتجاج، ڪيس داخل، خبر موجب ؛ ملير جي علائقي بن قاسم ٿاڻي جي حد پپري ۾ مشهور عالم دين ۽ واپاري محمد علي پيرزادو جي گهر ۾ 6 کان وڌيڪ هٿياربند پوليس جون ٽوپيون پائي پاڻ کي پوليس اهلڪار ڄاڻائي گهر اندر تلاشي بهاني گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر ۾ رکيل 13 تولا سون، 7 لک رپيا روڪ رقم، چار عدد قيمتي موبائل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري باآساني فرار ٿي ويا، واقعي خلاف سوين ماڻهن احتجاج ڪندي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئيٻئي طرف واقعي جو ڪيس اڻڄاتل هٿياربندن خلاف بن قاسم ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو جڏهن ته بن قاسم پوليس پاران شڪ جي بنياد تي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

سڳيون ڀرسان واپاري جي گهران 15 لکن جو ڌاڙو، پٽ اغوا جي ڪوشش

سڳيون/سوڀوديرو(نمائندا)سڳيون ڀرسان ميرڪ شهر جي مشهور جنس جي واپاري سيٺ زبير احمد ڪوري جي گهر ۾ داخل ٿي 9 هٿيار بندن جي ڪاھ گهر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي فائرنگ ڪري يرغمال بڻائي تقريبن 15 لکن جي ماليت جو ڌاڙو هڻڻ سان گڏ سندس نوجوان پٽ اظهار علي ڪوري کي اغوا ڪري ھڪ ڪلو ميٽر پري ڇڏي ڏنو ۽ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زبير احمد ڪوري، جنسار علي ڪوري ،ارباب علي ڪوري اظهار علي ڪوري ۽ ٻين چيو ته سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني عروج تي آهي ڏوهاري علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل آهن جنهن سبب علائقي واسي راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور آهن گذريل رات سڳيون ڀرسان نامعلوم هٿيار بندن اسان جي گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي سمورن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر مان سونا زيور روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان سميت تقريبن 15 لکن جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا پر پوليس هن مهل تائين ڪوبه قدم نه کنيو آهي،

ڏهرڪي ۾ گهرمان 18لک روڪ ۽ 10تولا سون چوري

ڏھرڪي (رپورٽ: اسد لغاري) ڏھرڪي ۾ ٿاڻي ڀرسان گلاب شاھ ڪالوني ۾ نامعلوم ورن لياقت آرائين جي گھر مان 18 لک روپيا روڪ رقم ۽ ڏھ تولا سونا زيور چوري ڪري ويا، ان ڏس ۾ نامعلوم چورن گھر ڌڻين جي غير موجودگي ۾ گھر جا تالا ٽوڙي 18 لک روپيا روڪ رقم ۽ 10 تولا سونا چوري ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي طرف پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري شڪ جي بنياد تي ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري غائب ڪري ڇڏيو.

ڪوٽڏيجي ۾ بدامني، واپاري کان ڦر

ڪوٽڏيجي(ن ع آ ) ڪوٽڏيجي ۾ بدامني جي باھ پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام چوري ڦورن ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل گذريل رات 8 کان وڌيڪ نامعلوم هٿياربندن ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي چوڪي سوهو قناسراه حد جي ٽنڊو مستي ڦاٽڪ وٽ ڪوئلي جي بٺي تي حملو ڪري ڪوئلي جو واپار ڪندڙ محمد ابراهيم پٺاڻ مٿان تشدد 1 لک 15 هزار روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فونون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ياد رهي ته گذريل 2 ڏينهن اڳ ڪوٽبنگلو  شھر جي شاهي بازار مان نامعلوم چورن 3 دڪانن جا ڇتيون پٽي لکين روپيا روڪ رقم لکين روپين جا پئسن وارا هار ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻوهاري ويا هئا .

خيرپور ۾ ڌاڙيل سان مقابلي ۾ ايس ايڇ او سخت زخمي

خيرپور(ڊ ر) خيرپور اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾مقابلو جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سانول بوزدار سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو تفصيل موجب اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ميرن جي مهاڙي جهنگ واري علائقي ۾ هٿياربندن ۽ پوليس جي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سانول بوزدار سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور پاران ضلعي جي مختلف ٿاڻن تان وڏي نفري طلب ڪري ورتي آهي هن چيو ته اسان علائقي کي چارو طرف کان ڪڙو چاڙهي ورتو .

ميهڙ ۾ بدامني خلاف عوامي تحريڪ جو احتجاج

ميھڙ (رپورٽ:جميل مهيسر )عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان ڪالهه  اٺين ڏينهن به  شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف امتياز جتوئي، مشتاق چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر، ايڊوڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، ايڊووڪيٽ فياض حيدر شيخ، ايڊووڪيٽ منصور رفيق جتوئي، رستم علي سرگاڻي، سنڌير احمد چانڊيو، شفيق احمد خاصخيلي، صحبت علي چانڊيو، اعجاز علي مهيسر، عليشير مگسي، ماجد مھيسر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج سخت نعريبازي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميهڙ شهر مان روانو جي بنياد تي ٿيندڙ چورين ڦرن ڌاڙن ۽ موٽر سائيڪلن جي چورين ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري شهر جو امن امان بحال ڪرايو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.