لاڙڪاڻي ۾ کنڀيل نوجوانن جي آزادي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن پاران پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر کڻي ڪالهھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اقصيٰ دايو، افسانه دايو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلي مان پورهيت درزي انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي ۽ 3 آگسٽ 2018ع تي شهر ايوب ڪالونيءَ مان پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

انڊونيشيا جو جهاز 62 ماڻهن سميت گم

جڪارتا (م ڊ ) انڊونيشيا ۾ جهاز ٽيڪ آف ڪرڻ جي ٿوري دير بعد ريڊار تان گُم ٿي ويو، جنهن بعد پائليٽ جو ڪنٽرول ٽاور سان به رابطو ڪٽجي ويو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب جهاز اُلهندي صوبي جي شهر طرف وڃي رهيو هو جنهن ۾ عملي جي 6 ماڻهن سميت  62 مسافر سوار هئا، جهاز جڪارتا کان اڏام ڪئي، جهاز جو پونتيانڪ ايئر پورٽ تائين سمورو سفر سمنڊ مٿان هو، پرڏيهي ميڊيا موجب اختيارين جو چوڻ آهي ته گُم ٿيل جهاز 27 سال پُراڻو آهي، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جهاز گم ٿيڻ کان اڳ 10 هزار فوٽ بلندي کان مٿي وڃي چڪو هو. هوڏانهن انڊونيشيا جي سرچ اينڊ ريسڪيو ايجنسي موجب جهاز کي جڪارتا جي اتر ۾ ڳوليو پيو وڃي، ڪو به ريڊيو بيڪن سنگل نه مليو هو، ايجنسي جي هڪ عهديدار رائٽرز کي ٻڌايو ته سمنڊ ۾ ٽڪرا ڏٺا ويا آهن جيڪي جهاز جا هئڻ جو شڪ آهي، پر تصديق نٿي ڪري سگهجي ته اهو هن جهاز جا آهن، اندونيشيا جي هڪ وزير جهاز تباهه ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريو آهي.

شاهي قلعي جي ديوار تي سيلفي وٺندي  هڪ شخص ڪري سخت زخمي

لاهور ( م ڊ ) شاهي قلعي جي ديوار تي سيلفي وٺندي 50 ورهين جو شخص ڪري زخمي ٿي پيو ، جنهن کي ريسڪيو ٽيم اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، منير دوستن سان گڏ شاهي قلعي آيو هو، جتي سيلفي وٺندي ديوار تان ڪري پيو، جنهن جي ڪري ٻانهن ٽٽي پئي.جڏهن ته جسم جي ٻين حصن تي زخم رسيا آهن.

سون جي اگهه ۾ 1300 رپيا في تولو لاٿ

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به في تولي سون جي قيمت ۾ 13 سئو رپين تائين گهٽتائي ٿي آهي،سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 1300 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي نئين قيمت هڪ هزار 13 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي،اهڙي ريت 10 گرام سون 1115 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 97 هزار 136 رپين جو ٿي ويو آهي،هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس قدر 43 ڊالر گهٽجڻ سان 1850 ڊالر تي پهچي ويو آهي

شهباز گل تي حملي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ)وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته انتظاميه ۽ (ن) ليگ کي شهباز گل جي حملي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته شهباز گل تي ٿيل حملي کي 4 ڏينهن گذري ويا آهن، مون کي اميد هئي ته انتظاميه ۽ (ن) ليگ حملي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪندا پر اڃا تائين ايئن ناهي ٿيو،

خيرپور ڀرسان پورهيت گم، اغوا جو شڪ

خيرپور(مختيار ڦپوٽو) خيرپور ڀرسان احمد پور پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادر بخش ميتلو جي رهواسيي  پورهيت صابر علي ميتلو پنهنجي ڳوٺ کان خيرپور اچي رهيو ته رستي مان پرسرار نموني غائب ٿي ويو آهي،جڏهن ته پورهيت جي وارثن رابطو ڪرڻ تي  ٻڌايو ته صابر علي  ڪم سان خيرپور ويو هو جيڪو ٻن ڏينهن کان گم آهي ۽ هن جو موبائيل فون مسلسل بند آهي.

سيري ۾ ڪتن هٿان 2 ڄڻا ڏاڙهجي ويا، ويڪسين اڻلڀ

سيري(ن ع آ) سيري ۽ آس پاس جي علائقن ۾  رولو ڪتن جو آزار 2 ڄڻا ڏاڙھي زخمي سرڪاري اسپتال ۾ ويڪسين  اڻلڀ عوام سخت پريشان انتظاميا اگھور  ننڊ ستل ، رولو ڪتن صديق کنجيجو ملوڪ برفت کي چڪ پائي زخمي ڪري چڏيو ٻئي طرف سيري جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪتي چڪڻ جي ويڪسين پڻ اڻلب آهي

 

،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.