حڪومت مولانا فضل الرحمان سان رابطو نٿي ڪرڻ چاهي: پرويز خٽڪ

نوشهره ( م ڊ )  دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته حڪومت مولانا فضل الرحمان سان رابطو نٿي ڪرڻ چاهي، محمد علي دراني جي ملاقات ذاتي فعل هو. نوشهره ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان مچ سانحي جي شهيد سان ڪيل واعدو پاڙيو، عمران خان تدفين کانپوءِ فوري طور ڪوئيٽا پهتو ۽ شهيدن جي وارثن سان ڏک ونڊيو. هن چيو ته ڪجهه اپوزيشن پارٽين مچ سانحي کي سياسي رنگ ڏيڻ چاهين ٿيون، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي.

اسان جو هدف استعيفائون نه پر شفاف چونڊون آهن: خرم دستگير

لاهور ( م ڊ )  مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خرم دستگير چيو آهي ته سينيٽ چونڊن کانپوءِ استعيفيٰ ڏني ويندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسان استعيفيٰ ڏينداسين، سڀئي ڏسندا. لاهور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته اسان جو هدف استعيفائون نه آهن، اسان صاف، شفاف ۽ مداخلت کان پاڪ چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا، پي ڊي ايم هڪ پليٽ فارم تي آهي، حڪومت مخالف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.

منهنجو پاڪستان نه پر آمريڪا ۾ تيل جو ڪاروبار آهي: اعظم سواتي

ڪراچي ( رپورٽر ) ريلوي واري وفاقي وزير، اعظم سواتي چيو آهي ته سندس پاڪستان ۾ ڪو ڪاروبار ناهي، هو پاڪستان  ۾ تيل جو ڪاروبار ڪندو آهي، اتان پئسو کڻي اچي هتي لڳائيندو آهي،  جيڪڏهن نقصان گهٽ نه ٿيو ۽ منافعو نه وڌيو ته ريلوي جو حشر به اسٽيل ملز جهڙو ٿيندو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم سواتي چيو ته ريلوي جي زمين تي قبضي ۾ پوليس ملوث آهي، عدالت حڪم نه ڏي ها ته قبضا ختم نه ٿين ها، ريلوي جي زمين تي گهڻ ماڙ عمارتون اڏيون وينديون، منهنجو ڪاروبار آمريڪا ۾ آهي اتان پيسو پاڪستان آڻي رهيو آهيان. هن الزام هنيو ته ريلوي جي زمين تي قبضن ۾ پوليس ملوث آهي جيڪڏهن عدالت حڪم نه ڏئي ها ته قبضا ختم نه ٿين ها.ريلوي واري وزير چيو ته جيڪڏهن ريلوي جو خسارو نه گهٽايو ويو ته ريلوي جو حشر به اسٽيل ملز جهڙو ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.