اسلام آباد ( م ڊ ) قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 8 تڪن تي ننڍي چونڊ ۾ سڪيورٽي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن فوج جي مقرري جو فيصلو ڪري ورتو آهي پر فوج کي پولنگ اسٽيشن اندر نه بيهاريو ويندو، پولنگ اسٽيشن جي اندر جي سڪيورٽي جي ذميواري پوليس هوندي. ذريعن موجب فوج جي مقرري لاءِ جلد حڪومت سان رابطو ڪيو ويندو، ان حوالي سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ هڪ هڪ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿيندي.