ڪي سي آر سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس

ڪراچي ( م ڊ ) وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو سنڌ سرڪار حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو. وفاقي حڪومت 739  ارب رپين جي ماليت جي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۾ 2 وڏيون تبديليون ڪيون آهن، جنهن تحت ڪي سي آر منصوبو سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ وارو اي سي سي جو فيصلو واپس ورتو ويو آهي. ڪابينا ڊويزن جي سيڪريٽري جي مداخلت بعد سرڪلر ريلوي جي اپ گريڊيشن ۽ آپريشن جو ڪم ريلوي واري وزارت حوالي ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف کي به ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.