ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جا ڪورونا ويڪسين جي خريداري تي خدشا

اسلام آباد (م ڊ ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستاني  عوام جي لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر مان خريد ڪيل ڪورونا ويڪسين تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم جي لکيل خط ۾ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي چيئرمين سهيل مظفر چيو آهي ته ڪنهن به خريداري ۾ ڪرپشن روڪڻ جي لاءِ پيپرا جي رول نمبر 47 تي عمل ضروري آهي، جيڪي به ٽينڊر ڪيا وڃن ان ٽينڊر جا سمورا ڪاغذ پيپرا جي ويب سائيٽ تي مهيا ڪيا وڃن. سهيل مظفر چيو ته سڄي دنيا ۾ في ڊوز ويڪسين 4 ڊالر کان 37  ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت طرفان خريد ڪيل ڪورونا ويڪسين جا ريٽ يا ٽينڊر جا تفصيل اڃان تائين سامهون نه اچي سگهياآهن، واضح رهي ته پيپرا رولز موجب گورنمنٽ جو ڪوبه ادارو جڏهن به ڪابه خريداري ڪندو اهو خريداري جا سمورا معاهدا ۽ خريداري جي قيمت پنهنجي ويب سائٽ تي ڏيڻ جو پابند آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.