بليڪ ميلنگ جي لفظ تي وزيراعظم آڏو احتجاج، اهو پي ڊي ايم لاءِ چيو هو:عمران خان

ڪوئيٽا (م ڊ) وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا پهچي مچ سانحي جي متاثرن سان ملاقات ڪئي آهي،وزيراعظم عمران خان نور خان ايئر بيس راولپنڊي کان خاص جهاز ذريعي ڪوئيٽا پهتو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به ساڻس گڏ هو،ڪوئيٽا پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال، گهرو وزير شيخ  رشيد، صوبائي وزيرن، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، آءِ جي پوليس، آءِ جي ايف سي ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي،وزيراعظم سان بلوچستان جي وڏي وزير الڳ ملاقات پڻ ڪئي ۽ کيس مچ سانحي تي بريفنگ ڏني، ان ملاقات ۾ بلوچستان جو گورنر امان الله ياسين زئي به موجود هو،پوءِ وزيراعظم مچ سانحي جي متاثرن سان به مليو، ان موقعي تي هزاره ڪميونٽي جا اڳواڻ ۽ مجلس وحدت المسلمين جو اڳواڻ سيد آغا رضا به موجود هو،ملاقات دوران وزيراعظم متاثرن کي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حڪومتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ مالي پيڪيج بابت به ٻڌايو،ملاقات کانپوءِ سيد آغا رضا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بليڪ ميلنگ جي جملي تي وزيراعظم سان احتجاج ڪيو ويو، پوءِ هن وضاحت ڪئي ته مان اهو جملو پي ڊي ايم اڳواڻن بابت چيو هو، هن اسان جا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي آهي،شهيدن جي وارثن کي في ڪس 25لک رپيا ڏنا ويندا، صوبائي حڪومت جا اعلان ڪيل 15 لک رپيا وارثن کي ملي چڪا آهن، وفاق پاران اعلان ڪيل معاوضي جي رقم بعد ۾ ڏني ويندي، وزيراعظم هزاره برادري کي خاطري ڪرائي ته حڪومت کين تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي، مچ سانحي ۾ داعش جا ماڻهو ملوث آهن، سيڪيورٽي فورسز انهن مان ڪافي دهشتگردن کي ماريو آهي ، اڃا اهي 35 کان 40 ماڻهو آهن، جن جو سيڪيورٽي فورسز پيڇو ڪري رهيون آهن، هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۾ هڪ سيل بڻجي رهيو آهي جيڪو انهن جو پيڇو ڪندو، وزيراعظم چيوته بلوچستان ۾ دهشتگردي پٺيان ڀارت آهي، داعش کي ڀارت جي مڪمل ۽ ڀرپور مدد ۽ حمايت حاصل آهي، وزيراعظم هزاره برادري جي ماڻهن کي چيو جڏهن مان وزيراعظم نه هئس ته هتي آيو هئس، توهان کي سمجهڻ گهرجي ته وزيراعظم لاءِ اها ٻئي شئي هوندي آهي، مون کي خوشي آهي ته توهان اسان جي ڳالهه مڃي ۽ شهيدن کي دفنائي ڇڏيو،ان ڪري مان ڪيترائي ڀيرا پيغام موڪليا ته توهان تدفين ڪري ڇڏيو، توهان جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ فوري ايندس، هن چيو ته جيڪڏهن  توهان شرط لڳائيندا ته اڄ مان ۽ سڀاڻي ڪو ٻيو وزيراعظم هوندو ته ان لاءِ مشڪلات پيدا ٿي ويندي آهي، هوڏانهن وزيراعظم چيو ته يقين رکو ته فوج مخالف بيان ڏيندڙ سمورن ماڻهن جو علاج ٿيندو، ادارن تي حملو ڪندڙن کي نه ڇڏيو ويندو، ڪوئيٽا ۾ سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته اهي فوج کي چئي رهيا آهن ته هڪ چونڊيل جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪريو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن جمهوري دور ۾ ادارن کي اهڙي طرح بدنام ڪيو پيو وڃي، عمران خان چيو ته سڀ بي شرم منهنجي خلاف متحد ٿي چڪا آهن، سڄي دنيا ۾ انهن جي ڪرپشن جي هاڪ آهي، پي ڊي ايم ڪرپشن جي حق ۾ عوام کي ٻاهر ڪڍڻ چاهي ٿي، هن چيو ته نوازشريف ٻاهر ويهي  فوج ۾ بغاوت ڪرائڻ چاهي ٿو، اهي ماڻهو جنرل باجوه کي چئي رهيا آهن ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيو، اهي فوج کي چئي رهيا آهن ته جنرل باجوه حڪومت نٿو ڪيرائي ته جنرل باجوه کي هٽائي ڇڏيو، اهي چاهين ٿا ته فوج تي ايترو دٻاءُ وڌائن تي اها حڪومت ڪيرائي ڇڏي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.