ڪوئيٽا جي تقرير بعد عمران خان جو ذهني معائنو ڪرايو وڃي: مريم اورنگزيب

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪوئيٽا جي تقرير بعد عمران خان جو ذهني معائنو ڪرايو وڃي، عمران صاحب  7 ڏينهن بعد ڪوئيٽا ويو ، نه شرمندگي، نه ندامت ۽ نه ئي معافي؟ الله تعاليٰ اوهان جي ذهني حالت تي رحم  فرمائي، ان جهالت ۽ تڪبر تي استغفر الله ئي چئي سگهجي ٿو. ٽوئٽ ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان کي ذهني علاج جي فوري ضرورت آهي، انساني همدردي جي بنياد تي سندس معائنو ڪرايو وڃي، تڪبر ۽ ڳالهائڻ جي انداز تي انا لله وانا الله راجعون ئي پڙهي سگهجي ٿو، اوهان جي شهيدن جي وارثن جي ڦٽن تي مرهم رکڻو هو، اتي اين آر او جي ڊرامي جي ڪهڙي ضرورت هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.