غوثپور/تنگواڻي (رپورٽ: عبدالغفاراوڳاهي + مهتاب ملڪ) غوثپورويجهو ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 نوجوان قتل.غوثپور جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش چولياڻي ۾ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 نوجوان جميل احمد ۽ بابو چولياڻي موقعي تي قتل ٿي ويا. هٿياربند فرار ٿي ويڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي 2 ڄڻن جا لاش کڻائي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ٻنهي ڌرين ۾ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.