ڪي اين شاهه مان عورت ٽن ٻارن سميت مبينا اغوا

ميهڙ/خيرپورناٿن شاهه(نمائندا) خيرپورناٿن شاه جي ڳوٺ رضا محمد ڏيرو جي رهواسڻ ٽن ٻارڙن جي ماءُ نوجوان عورت صائمه زال اسماعيل ڏيرو  پنهنجي ٽن ٻارڙن 5 سالا عروج فاطمه 6 سالا ايان علي ۽ 7 سالن جي پري سان گڏ علاج لاء نجي اسپتال آئي ته نامعلوم ماڻھن ٻارڙن سميت مبينه طور تي اغوا ڪري ويا سندس وارثن طرفان خيرپورناٿن شاه ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آھي مبينه طور تي اغوا ٿي ويل عورت صائمه جي والد خدا بخش ڏيرو صحافين کي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجي ڌي صائمه ڳوٺان علاج ڪرائڻ لاء خيرپورناٿن شاه جي نجي اسپتال ۾ پنهنجن ٽن ٻارڙن سان گڏ آئي هئي جنهن کي نامعلوم ماڻھن زبردستي ڪار ۾ ٻارڙن سميت اغوا ڪري ويا اهڙي رپورٽ اسان ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پوليس ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي آئون وس وارن کان مطالبو ٿو ڪريان ته ڌي کي ٻارڙن سميت بازياب ڪرائي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي هوڏانهن رابطي تي ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاه غلام حيدر پنهور ٻڌايو ته ڳوٺ رضا محمد ڏيرو جي رهواسڻ صائمه ڏيرو اغوا ناهي ٿي جنهن جو اسپتال مان اسين سي سي ٽي وي تان ويڊيو ورتو آھي جنهن ۾ ظاهر آھي ته هو راضي خوشي سان پنهنجي چاهيندڙ سان گڏ ٻارڙن کي وٺي ڪار ۾ ويهي هلي وئي مالڪن کي به سڄي خبر آھي هو پنهنجي مرضي سان نڪري وئي آھي باقي هاڻي اغوا جو ڊرامو پيا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.