ٺل ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيرسن مارجي ويو،ڌرڻو

ٺل(ن ع آ) ٺل ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر نوناري ۾ نوناري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳاله تان جهيڙو ٿي پيو  جتي مبينا ڌڪ لڳڻ سبب 50 سالن جو پيرسن عبدالنبي نوناري فوت ٿي ويو جنهن جو لاش تعلقا اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن لاش کڻائي رهبر چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ٺل جيڪب آباد روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي, احتجاج ڪندڙن فوتي جي وارثن نظر محمد نوناري ۽ ٻين چيو ته ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جتي مبينا ڌڪ لڳڻ سبب اسان جو چاچو فوت ٿي ويو ظالمن ظلم ڪري اسان جي چاچي کي ڌڪ هڻي ماريو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.