دائود ڪاليج 63 شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳايو آهي: ايڪشن ڪميٽي

ڪراچي (رپوٽر) شاگرد ايڪشن ڪميٽي جي صدر مصطفيٰ حسين چيو آهي ته دائود ڪاليج جي آف انجينئرنگ جي 63 شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي، پاڪستان انجنيئرنگ ڪونسل رجسٽريشن لاءِ گذريل 11 سالن  کان شاگردن کي دربدر ڪري رهي آهي .اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته جڏهن ته اداري طرفان ناانصافي آهي ته 84 شاگردن جي جڳهه ته 142 شاگردن کي داخلائون ڏنيون ويون هيون ۽ هن دائود ڪاليج ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪرپشن ۾ ملوث آهن جنهن جي خلاف هن وقت ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي سگهي، دائود ڪاليج جي ڪرپشن ۾ 5 ڄڻا ملوث آهن ۽ موجوده  پرنسپل به اسان جي مستقبل سان کيڏي رهيو آهي. شاگرد دائود ڪاليج آف انجينيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڪراچي ۽ ڪڏهن پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل اسلام آباد جا ڌڪا کائي رهيا آهن پر ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ويو.شاگردن ايڪشن ڪميٽي پاران صوبائي وزير سعيد غني ۽ کان مطالبو ڪيو آهي ته دائود ڪاليج جي ڪرپشن  ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شاگردن کي رجسٽرييشن ڏياري مستقبل بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.