لاڙڪاڻي ۾ ڪتن هٿان وڌيڪ 18 ماڻهو ڏاڙهجي ويا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن 6 ٻارن ۽ 5 عورتن سميت 18 ڄڻن کي  ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 2 سالن جو گدا حسين پٽ گلزار، 4 سالن جي عريبه بيبي ڌيءَ اختر، 6 سالن جي نسيم بيبي ڌيءَ محمد پناھه، 7 سالن جو شفيق پٽ لال ڏنو، 8 سالن جو رحمان پٽ سعيد احمد، 10 سالن جي تانيه ڌيءَ رمضان، 17 سالن جي زرينه بيبي ڌيءَ رحمت الله، 17 سالن جو صدورو پٽ منصور، 25 سالن جي زڪيه خاتون زال محمد عارف، 28 سالن جو گلزار پٽ سڪندر علي، 33 سالن جو نادر علي پٽ ولي محمد، 35 سالن جي مسمات اقبال خاتون زال محبت علي، 35 سالن جو زاهد پٽ قبول، 40 سالن جي زهران خاتون زال محمد صديق، 45 سالن جي زبيده خاتون زال محمد صديق، 75 سالن جي نصيبه خاتون زال محمد عيسيٰ ۽ 60 سالن جو غلام حيدر پٽ محمد امين شامل آهن جن کي رولو ڪتن ڏهاڙي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو ويو. سينٽر انتظاميه موجب رولو ڪتن جي چڪ سبب زخمي ٿيل سمورن متاثرن کي ويڪسين ۽ ضروري علاج گهر اماڻي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.