ڀارت ۾ اسپتال کي باهه، 10 کيرپياڪ ٻارڙا سڙي فوت

نئين دهلي ( م ڊ ) ڀارت جي هڪ سرڪاري اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 کير پياڪ ٻار سڙي فوت ٿي ويا.مهاراشٽرا رياست جي ڀنڊار ڊسٽرڪٽ جنرل اسپتال ۾ ڇنڇر جي صبح جنهن وقت باهه لڳي، ان وقت اسپتال جي هڪ وارڊ ۾ 17 کير پياڪ ٻار موجود هئا.واقعي ۾ 7 ٻار دونهين جي ڪري ساهه مُنجهڻ سبب ۽ 3 ٻار سڙي فوت ٿيا، جڏهن ته اسپتال عملي 7 ٻارن کي بچائي ورتو.ڀارتي حڪومت واقعي جي جاچ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ شروعاتي جاچ مان خبر پئي آهي ته باهه امڪاني طور بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان لڳي.اختيارين واقعي ۾ فوت ٿيندڙ ٻارن جي خاندانن کي 5-5 لک رپيا امداد ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي.

خانپور مهر: اهلڪار جوابدار پڪڙڻ بدران ناڪاره موبائل کي ڌڪا ڏيندا رهيا

خانپورمهر(ن ع آ) خانپورمهر جي مير موڙ چوڪي جا پوليس اهلڪار جوابدارن کي پڪڙڻ بدران ناڪاره موبائل کي ڌڪا ڏيندا رهيا، وڊيو وائرل ٿي وئي، خبر موجب، خانپورمهر ٿاڻي جي چوڪي ميرموڙ چوڪي جا پوليس اهلڪار پوليس موبائيل کي ڌڪا ڏيندا رهيا، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وئي ته پوليس موبائل بند ٿي وئي،جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ويل اهلڪار موبائل کي اهلڪار ڌڪا ڏيندا رهيا پر پوليس موبائيل اسٽارٽ نه ٿي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن پاران موبائل کي ڌڪا ڏيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي..

اتر ڪوريائي سربراهه آمريڪا کي پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن قرار ڏئي ڇڏيو

پيونگ يانگ ( م ڊ ) اتر ڪوريائي سربراهه ڪم جونگ ان آمريڪا کي ڪميونسٽ ڪوريا جو سڀ کان وڏو دشمن قرار  ڏيندي جوهري هٿيار سازي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڪم جونگ ان اهڙن خيالن جو اظهار حڪمران پارٽي جي هڪ اجلاس دوران ڪيو ۽ ان حوالي سان خبرون اڄ ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيون ويون.اتر ڪوريائي سربراهه موجب آمريڪا سان لاڳاپن ۾ بهتري ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي ته اهو ملڪ پنهنجي جارحاڻي پاليسي تبديل ڪري.هن ملڪي اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته امڪاني آمريڪي جارحيت کان بچڻ لاءِ جديد ترين هٿيار تيار ڪيا وڃن ۽ جوهري اثاثن کي به وڌايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.