ننڍي چونڊ وڙهڻ جو اعلان، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي خلاف اميدوار نه بيهارينداسين: ن ليگ

لاهور ( م ڊ ) ن ليگ اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم سان گڏجي ننڍيون چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ماڊل ٽائون لاهور ۾ ن ليگ نائب  صدر مريم نواز ۽ احسن اقبال جي صدارت هيٺ ن ليگ جي مرڪزي پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ننڍين چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ڀرپور فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ پنجاب جي 3 سيٽن تي پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار آڻڻ تي مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ ۾ پ پ جي سيٽن تي ننڍين چونڊن ۾ اميدوار نه بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو اميد ته پي ڊي ايم جون جماعتون ن ليگ جي کٽيل سيٽن تي ٿيندڙ ننڍين چونڊن ۾ ساٿ ڏيندي.هن چيو ته عمران خان ۽ سندس جماعت فارن فنڊنگ ڪيس جو اين آر او ورتو آهي، لنڊن پلان فارن فنڊنگ ڪيس سان ٿيو، ڀارتي ۽ اسرائيلي فنڊنگ سان ملڪ ۾ بدامني پيدا ڪندا رهيا.سندس چوڻ هو ته حڪومت انساني مسئلي کي فرقي سان جوڙيو، جنهن تي ان کي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان 5 سال پورا ڪيا ته پوءِ ڪير به وزارت عظميٰ جو اميدوار بڻجڻ لاءِ تيار نه هوندو.ان موقعي تي احسن اقبال اهو به چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ پڻ ميدان خالي نه ڇڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.