ڪيپٽل هل حملي بعد ڊونلڊ ٽرمپ جو ٽوئٽراڪائونٽ مستقل طور بلاڪ

واشنگٽن ( م ڊ ) ڪيپيٽل هل واقعي کان پوءِ مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر تي آمريڪي صدر ٽرمپ جو ٽوئٽر اڪائونٽ مستقل طور تي بلاڪ ڪيو ويو آهي.ٽوئٽر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني تشدد جي وڌيڪ واقعن کي نظر ۾ رکندي ٽرمپ جو اڪائونٽ مستقل طور تي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو فيصلو ٽرمپ جي تازي ٽوئٽس جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي. ٽرمپ جو ٽوئٽر اڪائونٽ مستقل بند ڪرڻ جا سبب ٻڌائيندي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسان کي ان ڳالهه جا ثبوت مليا هئا ته ٽرمپ جي حامين طرفان ڪيپيٽل بل تي 17 جنوري تي هڪ ٻيو مبينه حملي جي منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي.

جسٽس قيصر رشيد پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو

پشاور ( م ڊ ) جسٽس قيصر رشيد خان ، پشاور هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جو قسم کڻي ورتو.گورنر هائوس پشاور ۾ چيف جسٽس  جي حلف برادري  جي تقريب ٿي.تقريب  ۾ ججن ، جسٽس قيصر رشيد خان  جي گهر ڀاتين ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي. ڪي پي جي گورنر شاهه فرمان ، جسٽس قيصر رشيد خان  کان پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف ورتو.واضح رهي ته چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جو عهدو جسٽس وقار سيٺ جي وفات سبب خالي ٿيو هو.

ٽرمپ پاڙيسري ملڪ تي ايٽمي حملو ڪري سگهي ٿو: آمريڪي اسپيڪر

واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر نينسي پلوسي کي خدشو آهي ته پنهنجي صدارت جي آخري ڏينهن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ امڪاني طور تي ڪنهن ملڪ تي ايٽمي حملو ڪري سگهي ٿو، هن مطالبو ڪيو آهي ته ٽرمپ جا اختيار گهٽايا وڃن. نينسي پلوسي آمريڪي فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل مارڪ ملي سان ملاقات ڪئي، کيس پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ بي قابو ٿيڻ بعد ڪا نئين جنگ شروع ڪري سگهي ٿو.

ڪراچي ۾ڪارروائي، ڪروڙين رپين جون ڀارتي دوائون هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان ڪسٽمز پريوينٽو ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ اسمگل ٿيل ڀارتي دوائون قبضي ۾ وٺي ڇڏيون آهن، پابندي پيل دوائن جي  ماليت اڍائي ڪروڙ رپيا آهي. ڪسٽمز ترجمان موجب صدر جي علائقي ۾ هڪ مارڪيٽ جي گودام تي ڇاپو هنيو ويو، ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ سمگل ٿيل ڀارتي دوائون هٿ ڪيون ويون. ڪسٽمز اختيارين جو چوڻ آهي ته گودام ۾ پابندي پيل دوائن جي موجودگي بابت پاڻ واپاري برادري طرفان اطلاع ڏنو ويو، برآمد ڪيل دوائن جي ماليت تقريبن اڍائي ڪروڙ رپيا آهي. ڪسٽمز ڪارروائي کان اڳ جڊيشل مئجسٽريٽ کان باقاعطي طور سرچ وارنٽ حاصل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.