احتساب جي نالي تي مخالفن خلاف ڪاررواين جو چُورن نه هلندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي ( رپورٽر+ م ڊ ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته احتساب جي نالي تي مخالفن خلاف ڪاررواين جو چورن نه هلندو،  نيب پنهنجي ساک وڃائي چڪو، احتساب جو مڪينزم جوڙڻ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. بلاول ڀٽو سان سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته احتساب جي نالي تي مخالفن خلاف ڪاررواين جو چورن نه هلندو.هوڏانهن سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نيب جي معاملي تي سينيٽ جو اجلاس گهرايو ويو آهي،  ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سليم مانڊوي والا چيو ته نيب چيئرمين کي سوالن جي جوابن لاءِ گهرايو آهي، نيب چيئرمين اڳ به اچي چڪو آهي، اڳ ۾ ماڻهو پوليس جي شڪايت ڪندا هئا، هاڻي نيب جي شڪايت ڪن ٿا، نيب جو مينڊيٽ عوام جي پئسي مان ڪرپشن روڪڻ آهي، نيب نجي ڪاروباري معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، نه ئي سندس اهو مينڊيٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.