پنجاب ۽ ڪي پي پاران سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي حمايت

اسلام آباد ( م ڊ ) پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه سينيٽ چونڊون شو آف بينڊز سان ڪرائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.صوبائي حڪومتن  صدارتي ريفرنس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. ڪي پي ڪي حڪومت چيو آهي ته اوپن بيلٽ سان سينيٽ چونڊن لاءِ قانون ۾ ترميم لازمي هوندي. شفاف چونڊون ئي جمهوريت جي بنياد آهن.پنهنجي پارٽي جي خلاف ووٽ ڏيڻ بيوفائي آهي. ڳجهي ووٽنگ جو استعمال ماضي ۾ چونڊن جي روح خلاف ٿيو ۽ سينيٽ چونڊن تي ڪرپشن جا الزام لڳندا رهيا. عدالت قرار  ڏئي ته پارليامينٽ ۽ حڪومت اليڪشن  ايڪٽ 2017 ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي.ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ صدارتي ريفرنس جي حمايت ڪندي چيو هو ته اسيمبلي ميمبر پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ووٽ ڏيندا آهن. ان جي هن قدم سان جمهوريت جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي. اسيمبلي ميمبرن جي چونڊ عوام جي ووٽن سان ڪرڻي آهي. چونڊيل ميمبر سينيٽر جي چونڊ ڪندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.