ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن کانپوءِ گيهه به مهانگو

لاهور ( م ڊ ) ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن کانپوءِ گيهه به مهانگو ٿي ويو آهي. لاهور ۾ مختلف برانڊ جي گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 20 کان 40 رپين تائين واڌ ڏٺي وئي، هڪ ڪلو گيهه جي قيمت 220 رپين مان وڌي 240 ۽ 265 رپين تائين پهچي وئي آهي.مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته مل مالڪن ۽ ڊيلرن مارڪيٽ ۾ فراهمي گهٽ ڪري قيمتون وڌايون آهن، لاهور ۾ٻن کان ٽن ڏينهن دوران گيس جي سپلاءِبند آهي.

کنڊ جي  ٻولي ۾ مڊل مين جو ڪردار ختم ڪيو وڃي: حماد اظهر

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ شگر ملز جي ويڊيو مانيٽرنگ شروع ٿي ويندي، 12 شگر ملز جي نمائندن چيو آهي ته 15 نومبر تي پيڙهائي لاءِ آئيڊل تاريخ آهي. جاري ڪيل بيان ۾حماد اظهر چيو ته پنجاب جي شگر ملز ۾ 15 ڊسمبر تائين ساڍا 3 لک ٽن کنڊ جي پيداوار ٿي، وڌيڪ مقدار ۾ وقت تي کنڊ امپورٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، کنڊ جي پرائيوٽ ايمپورٽرز کي وڌيڪ سهولتون ڏينداسين. صوبائي حڪومتن کي چيو آهي ته کنڊ ۾ مڊل مين جو ڪردار ختم ڪيو وڃي.

کنڊ في ڪلو 100 کان وڌي سگهي ٿي: شگر ملز جو وزيراعظم کي خط

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان شگرملز ايسوسيئيشن کنڊ جي اگهن واري معاملي تي وزيراعظم عمران خان جي نالي خط لکي ڇڏيو آهي.پاڪستان شگرملز ايسوسيئيشن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي حڪمن تي ڪريشنگ 30 نومبر کان 15-20 ڏينهن اڳ شروع ڪئي وئي. ڪمند مان ٿيل ريڪوري انتهائي گهٽ رهي ۽  ملڪ 3 لک ٽن کنڊ کان محروم ٿيو.خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت يقين ڏياريو آهي ته مڊل مين کي وچ ۾ رنڊڪ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. چيو ويو هو ته 200 روپيه في مڻ ڪمند جا اگهه يقيني بنايا وڃن پر سمورن صوبن جي ڪين ڪمشنر مڊل مين جو ڪردار ختم ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام رهيو. خط ۾ وڌيڪ چيو  ويو آهي ته ڪمند جي في مڻ قيمت 270 کان 300 روپين تائين پهچي چڪي آهي.عوام کي کنڊ 75 روپيه في ڪلو جي ريٽ تي ملي سگهندي پر کنڊ جي قيمت هڪ دفعو ٻيهر 100 روپيه ڪلو کان مٿي وڃڻ جو امڪان آهي. خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته چاهيون ٿا ته کنڊ جي قيمت هيٺ آڻي سگهجي. وزيراعظم شگرملز کي ڪمند جي حڪومتي مقرر ڪيل قيمت تي فراهمي يقيني بنائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.