لاهور ۾ ڀاءُ کي بدفعلي بعد قتل ڪندڙ وحشي جوابدار جو رمانڊ

لاهور ( م ڊ )  لاهور جي عدالت پنهنجي 8 ورهين جي ڀاءُ کي بدفعلي بعد قتل ڪندڙ جوابدار کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس  حوالي ڪري ڇڏيو. نشتر ٽائون پوليس ننڍي عمر جي ٻار کي بدفعلي بعد قتل ڪندڙ جوابدار فيضان کي ماڊل ٽائون ڪچهري م ڦيش ڪيو ويو. جاچ آفيسر چيو ته جوابدار فيضان پنهنجي ڀاءُ کي دڪان تي شيءِ وٺي ڏيڻ لاءِ وٺي ويو، ساڻس بدفعلي ڪرڻ بعد مٿي م سرون هڻي قتل ڪري نالي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، مقتول 6 جنوري کان گم هو، جنهن جو لاش آشيانه اسڪيم جي انڊر پاس واري نالي مان مليو هو. عدالت ۾ جوابدار اعتراف ڪيو ته کيس ڪاوڙ اچي وئي هئي. عدالت جوابدار کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.