ڊکڻ ۾ پلاٽ مالڪي تان سردار نجف ڪماريو، اڪبر سانگهرو ۽ واجد جتوئي ۾ تڪرار تيز

ڊکڻ(ن ع آ)ڊکڻ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان سردار نجف ڪماريو،واپاري اڪبر سانگهرو ۽ واجد جتوئي وچ ۾ هلندڙ تڪرار تيز،جتوئي برادري جي  ماڻهن جي تڪرار پلاٽ تي مبينا ڪاھ،انڌاڌنڌ فائرنگ، علائقي پلاٽ تي هلندڙ تعميراتي ڪم بند ڪرائڻ جي ڪوشش،انڌاڌنڌ فائرنگ سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ،بس اسٽينڊ واري علائقي جو ڪاروبار بند ٿي ويو، پوليس مقرر،خونريزي جو خطرو،خبر موجب ڊکڻ ۾ بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان سردار نجف علي ڪماريو،واپاري غلام اڪبر سانگهرو  ۽  واجد جتوئي وچ ۾ هلندڙ تڪرار تڪرار ان وقت تيز ٿي ويو،جڏهن ته واجد جتوئي  جي جتوئي برادري جي ماڻهن تڪراري پلاٽ تي مبينا ڪاھ ڪري انڌاڌنڌ هوائي فائرنگ ڪري ڏني، ۽ پلاٽ تي  هلندڙ تعميراتي ڪم بند ڪرائڻ جي  ڪوشش ڪئي،جڏهن ته انڌاڌنڌ فائرنگ سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي،بس اسٽينڊ واري علائقي جو ڪاروبار بند ٿي ويو،جڏهن ته  ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، جڏهن ته فائرنگ سبب ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو، جڏهن ته جهيڙي ۽ فائرنگ بعد شهر ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو،هوڏانهن اهڙو اطلاع ملندي ئي اڳوڻي ٽائون چيئرمين نجف علي ڪماريو جا حمايتي وڏي تعداد ۾ پهچي ويا،جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ بعد هڪ ڌر جي ماڻهن  جتوئي برادري جي حمايتي دڪاندار محراب خروس کي تشدد جو نشانو بڻايو،جڏهن ته ڌرين ۾ جهيڙي بعد خونريزي جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي،ان سلسلي ۾ سردار نجف علي ڪماريو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پلاٽ صدين کان منور عيساڻي جو هو،واجد جتوئي وارا ڀتو گهري رهيا آهن،ڪنهن کي به ڀتو نه ڏينداسين، هن وڌيڪ چيو ته واجد جتوئي وارا پاڻ عدالت ويا آهن،عدالت جو فيصلو قبول هوندو،هوڏانهن ٻي ڌر جي واجد جتوئي جو چوڻ آهي ته پلاٽ اسانجي ڏاڏي جي نالي تي آهي، قبضو ناهي ڪيو،ٻيا الزام بي بنياد آهن،ٻئي طرف ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.