ڪوهستان جي قديمي ڳوٺن جا لنگهه بند ڪرڻ جو سلسلو جاري

ٿاڻوبولاخان(ن ع آ) ڪوهستان جي قديمي ڳوٺن جا رستا بند ڪرڻ لاءِ سازشون تيز ٿي ويون آهنپاپولر گروپ 50سالن کان آباد ڳوٺ ميانداد پالاري  جو رستو بند ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن رستوبند ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ جو چتاء ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن طارق پالاري، لکمير پالاري، سرور پالاري ۽ ٻين چيو ته اسان جو ڳوٺ 1970 کان آباد آهي جڏهن ته داداڀائي  جي مالڪ به ڪڏهن اسان جو رستو بند نه ڪيو تازو پاپولر گروپ انتظاميا رستو بند ڪري آهي جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي اسان جي ڳوٺ جو رستو بند ڪيو ويو ته اسين احتجاجي تحريڪ هلائينداسين ،هنن چيو ته اسين ترقي جا دشمن ناهيون پر جيڪا ترقي جي آڙ  گهر جي اڱڻ تي ديوار اچي انهيَ جي نه صرف مذمت ڪنداسين پر ڀرپور نموني مخالف ڪنداسين پاپولر انتظاميا مقامي ماڻهن تي  پاور جو استعمال ڪري آهي مگر سندس اھڙي پاليسي کي اڳ جيان ھاڻي به ناڪام بنائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.