ڪراچي ۾ سائبيرين هوائن موسم ٿڌي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سائبيرين هوائن هڪ ڀيرو ٻيهر موسم ٿڌي ڪري ڇڏي.

موسميات کاتي موجب شهر ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 5.8 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ سائبيرين هوائن جي رفتار تيز ٿي سگهي ٿي، هوائون 45 کان 54 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلي سگهن ٿيون.

موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان هوائن جي رفتار ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي پر ٿڌ برقرار رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.