غوثپور ويجهو جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش چالياڻي ۾ چالياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 ڄڻا جميل احمد ۽ بابو چولياڻي قتل ٿي ويا،فائرنگ جي آوازن تي علائقي ۾خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، اطلاع ملڻ تي ڪشمور ضلعي ڪنڌڪوٽ جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويئي، مقتولن جا لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو