وزيراعظم جو شرط رکڻ جو منطق سمجهه کان ٻاهر آهي: مراد علي شاهه

 

ٽنڊو الهيار (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مچ سانحي جي متاثرن وٽ پهرين ڏينهن وڃڻ کپندو هو، سمجهه ۾ نٿو اچي ته وزيراعظم جو شرط رکڻ جو ڪهڙو منطق هو.

ٽنڊي الهيار ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته پي ڊي ايم اي ۾ ڪي به اختلاف ناھن، جڏهن ته نواز شريف جو ملڪ اچڻ يا نه اچڻ بابت سندس پارٽي فيصلو ڪندي.

هن چيو ته بلوچستان حڪومت طرفان ڪليئرنس نه ملڻ باوجود اسان ڪوئيٽا وياسين، سمجھه ۾ نٿو اچي ته وزير اعظم جو شرط رکڻ جو ڪھڙو منطق ھو، ھن کي متاثرين وٽ پھرين ڏينھن ئي وڃڻ کپندو ھو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته علي زيدي جھڙي سياستدانن جي بيانن تي تبصرو نٿو ڪرڻ چاھيان، انهن جي بيانن تي حيران آهيان، متاثرن لاءِ جيڪي لفظ ڳالهايا ويا، انهن بابت سوچي به نٿو سگهان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.