ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته حڪومتي معاملا ڪير پيو هلائي: سراج الحق

 

لوئر دير (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ڪهڙي خبر سينيٽ جيان قومي اسيمبلي جون چونڊون به وقت کان اڳ ٿي وڃن.

لوئر دير ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته حڪومت هڪ قدم اڳتي وڌندي آهي ته يوٽرن پاليسي تحت سئو قدم پوئتي هٽي ويندي آهي.

سندس چوڻ هو ته هن حڪومت ناڪامي، نااهلي جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي، ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته حڪومتي معاملا ڪير هلائي رهيو آهي.

هن چيو ته اسان حڪومت مخالف تحريڪ جو شيڊيول جوڙي ڇڏيو آهي، سينيٽ چونڊون وقت کان اڳ ڪرايون ويون ته ڪهڙي خبر قومي اسيمبلي جون چونڊون به اڳ ۾ ٿي وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.