ٽنڊو غلام حيدر: گهرن تي پوليس چڙهائي، تشدد ۽ 11 ڄڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ محمد جمن بهراڻي جي رهواسين پاران گهرن تي پوليس چڙهائي ۽ عورتن ، ٻارڙن تي تشدد بعد 11 پورهيتن کي گرفتاري ڪري گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي ڳوٺاڻن عبدالستار،محمد اعظيم،محمداسلم،علي حسن،محمد بخش بهراڻي ۽ ٻين چيو ته ٽنڊوغلام حيدر پوليس رات دير سان وڏي نفري ساڻ ڪري گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي سخت تشدد ڪري گهرن ۾ موجود سامان کي ڪافي نقصان پهچايو آهي ، ۽ انهن جي يارنهن پورهيتن کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي

هنن آءِ جي سنڌ،ڊي آئي جي حيدرآباد سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  پوليس جي دهشتگردي کي روڪي غريبن کي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي، ٻئي طرف پوليس جي اهڙي ڪاروائي بعد محمد جمن بهراڻي اسٽاپ تي خوف سبب ڪاروبار بند رکيو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.