اتر ڪوريائي سربراهه آمريڪا کي پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن قرار ڏئي ڇڏيو

 

پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريائي سربراهه ڪم جونگ ان آمريڪا کي ڪميونسٽ ڪوريا جو سڀ کان وڏو دشمن قرار ڏيندي جوهري هٿيار سازي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪم جونگ ان اهڙن خيالن جو اظهار حڪمران پارٽي جي هڪ اجلاس دوران ڪيو ۽ ان حوالي سان خبرون اڄ ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيون ويون.

اتر ڪوريائي سربراهه موجب آمريڪا سان لاڳاپن ۾ بهتري ان ئي صورت ۾ ممڪن آهي ته اهو ملڪ پنهنجي جارحاڻي پاليسي تبديل ڪري.

هن ملڪي اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته امڪاني آمريڪي جارحيت کان بچڻ لاءِ جديد ترين هٿيار تيار ڪيا وڃن ۽ جوهري اثاثن کي به وڌايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.