ڪجهه مهينن ۾ ريلوي جي فريٽ آمدني ٻيڻي ڪري ڇڏيندس: اعظم سواتي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير اعظم سواتي چيو آهي ته ڪجهه مهينن ۾ ريلوي جي فريٽ (مال برداري) آمدني ٻيڻي ڪري ڇڏيندس.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته آمدني کي ٻيڻو نه ڪيو ويو ته ريلوي جو حال به پاڪستان اسٽيل ملز جهڙو ٿي ويندو.

هن چيو ته ماضي ۾ فريٽ کي تباهه ڪيو ويو، جيڪڏهن فريٽ آمدني نٿا وڌائي سگهون ته ريلوي کي نه هلائي سگهنداسين.

سندس چوڻ هو ته ريلوي جي زمينن تي قبضو ٿي رهيو آهي، ريلوي جي آمدني وڌائيندس، ٻه کان اڍائي ارب رپين جي بجلي چوري ٿي رهي آهي، ان کي روڪڻ لاءِ ميٽر لڳائي رهيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.