پشاور (ويب ڊيسڪ) جسٽس قيصر رشيد خان پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو.
خيبر پختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، جسٽس قيصر رشيد خان کان حلف ورتو، جڏهن ته تقريب ۾ ججن، وڪيلن، صوبائي وزيرن ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.
واضح رهي ته جسٽس وقار احمد سيٺ جي لاڏاڻي کانپوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو عهدو خالي ٿيو هو.