ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) مائيڪرو بلاگنگ پليٽ فارم ٽوئيٽر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ذاتي اڪائونٽ مستقل طور بند ڪري ڇڏيو.
ٽوئيٽر انتظاميا موجب اهو قدم تازو آمريڪي تخت گاهه ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ امڪاني طور ڪنهن به نئين واقعي کان بچڻ لاءِ کنيو ويو آهي.
ٽوئيٽر طرفان ڊونلڊ ٽرمپ جو اڪائونٽ جمعي ڏينهن معطل ڪيو ويو هو ۽ پوءِ ان سلسلي ۾ هڪ تفصيلي بيان به جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اها وضاحت ڪئي وئي هئي ته ٽرمپ جا ڪجهه تازا ٽوئيٽ تشدد جي اڪسائڻ جي زمري ۾ اچن ٿا.
هوڏانهن ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته منهنجو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هاڻ ٽوئيٽر جيان پنهنجو ڪو پليٽ فارم ٺاهڻ تي غور ڪندس.