نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي هڪ سرڪاري اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 کير پياڪ ٻار فوت ٿي ويا.
مهاراشٽرا رياست جي ڀنڊار ڊسٽرڪٽ جنرل اسپتال ۾ ڇنڇر جي صبح جنهن وقت باهه لڳي، ان وقت اسپتال جي هڪ وارڊ ۾ 17 کير پياڪ ٻار موجود هئا.
واقعي ۾ 7 ٻار دونهين جي ڪري ساهه مُنجهڻ سبب ۽ 3 ٻار سڙي فوت ٿيا، جڏهن ته اسپتال عملي 7 ٻارن کي بچائي ورتو.
ڀارتي حڪومت واقعي جي جاچ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ شروعاتي جاچ مان خبر پئي آهي ته باهه امڪاني طور بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان لڳي.
اختيارين واقعي ۾ فوت ٿيندڙ ٻارن جي خاندانن کي 5-5 لک رپيا امداد ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي.